English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڪافس انفارميشن حب جو باضابطه افتتاح، تقريب منعقد
106 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
افتتاح ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، محبوب علي ۽ ٻين ڪيو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڪافس انفارميشن هب جو افتتاح اسلامڪ رليف پاڪستان پاران نارويجين سفارتخاني جي مالي سهڪار ۽ زرعي ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ ٺٽو جي تعاون سان قائم ڪيل ڪافس انفارميشن هب جو باضابطه افتتاح اڄ زرعي ايڪسٽينشن آفيس ٺٽو ۾ ڪيو ويو. افتتاح ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جناب منور عباس سومرو، محبوب علي (ايريا پروگرام مينيجر، اسلامڪ رليف سنڌ)، ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ ٺٽو گڏيل طور سرانجام ڏنو. مختلف سرڪاري کاتن ۽ پارٽنر تنظيمن جا نمائندا پڻ هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.افتتاح کان پوءِ ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين آفيسرن کي سنيل دت (ڪميونيڪيشن ۽ ڊيٽابيس آفيسر)، رياز سيال (ايگريڪلچر آفيسر)، ۽ عرفان وسترو (ڪلائيميٽ چينج آفيسر) پاران ڊجيٽل انفارميشن هب جي ڪم، مقصد ۽ خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.ڪافس انفارميشن هب ۾ هڪ ڊجيٽل انفارميشن سينٽر، ڪال سپورٽ سسٽم، ۽ هڪ وقف ويب سائيٽ ۽ موبائل ايپليڪيشن شامل آهن، جيڪي هارين کي فصلن جي رهنمائي، موسم جي تازه ڪاري، ڪيڙن جي انتظام، ۽ ماهرن سان سڌي رابطي جي سهولت فراهم ڪن ٿيون.ڊي سي ٺٽو هن قدمن کي ساراهيندي اسلامڪ رليف جي ڪوششن نارويجين سفارتخاني جي مالي سهڪار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اهڙا منصوبا هارين کي موسمياتي لچڪدار ۽ ڪارائتي زراعت ڏانهن اڳتي وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ڪافس انفارميشن حب
0 تبصرے