English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي
116 views
|
09th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ريلي جي قيادت اي ڊي سي ون غلام دستگیر شيخ ۽ انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ ڪئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي جو اھتمام - ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگیر شیخ ۽ انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ جي قيادت ۾ عوام ۾ ڪرپشن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڊي سي چوڪ مڪلي تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي . ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگیر شیخ ، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بدعنواني ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي، ڪرپشن هڪ ناسور وانگر آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگهي. هنن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز به ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۾ آهي، ڪرپشن هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ آهي، ڪرپشن اسان جي ادارن ۽ مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. ھنن چيو تہ ترقي يافتہ ملڪن جي ترقي جو راز پڻ ڪرپشن جو خاتمو آھي. ريلي ۾ روينيو، تعليم، انفارميشن،سوشل ويلفيئر ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن ۽ عملي، صحافين، اُستادن، شاگردن، مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پارا
ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي
0 تبصرے