English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ طرفان ورڪشاپ
136 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ قانوندان اقبال احمد ڏيٿو جي نگراني ۾ تربيتي ورڪشاپ ٿيو
ٺٽو(شفيق ڀٽي)سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ طرفان ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ قانوندان اقبال احمد ڏيٿو جي نگراني ۾ هڪ روزه تربيتي ورڪشاپ جو انعقاد ٿيو.تفصيل موجب سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي سهڪار سان ضلعي ٺٽي جي پوليس لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ هڪ ڏينهن تي مشتمل تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.ورڪشاپ جي ماسٽر ٽرينر سينيئر قانوندان اقبال احمد ڏيٿو پوليس عملي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته تربيت جو بنيادي مقصد عورتن خلاف ھر قسم جي تشدد (GBV) ۽ Sindh Domestic Violence Act 2013 تحت پوليس جي پيشوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو آڻڻ آهي.ورڪشاپ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدابخش بھراڻي، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مھرين اقبال، ڊي ايس پي وحيد بيگ لاڙڪ، انچارج ڊي آءِ بي ٺٽو انسپيڪٽر الله ڏنو شيخ، پي آر او ارشاد محمود کڏائي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جا آفيسر ۽ اهلڪار، جن ۾ عورت پوليس آفيسر به شامل هيون، شرڪت ڪئي.تربيت دوران GBV ۽ گهريلو تشدد بابت قانون، پوليس جون ذميواريون، متاثر عورتن سان اخلاقي ۽ مؤثر رابطي جا طريقا، FIR ۾ شاهدن جي تحفظ، ميڊيڪو ليگل ۽ سماجي ادارن سان ربط، مختلف ڪيس اسٽڊيز ۽ اسيسمينٽ تي تفصيلي آگاهي ڏني وئي.ان موقعي تي سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جا يعقوب بروهي، ارشاد جوڻيجو، حميـرا علي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي ماسٽر ٽرينر اقبال احمد ڏيٿو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏناويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن
پاڪستان پاورٽي ايليويش
0 تبصرے