English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پورو حصو ڏنو وڃي: عادل الطاف انڙ
292 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ايم ايم پي اي عادل الطاف انڙ ڏوڪري ۾ نظير گاڏهي سان نياڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) پيپلزپارٽي ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بهتر نموني ڪم ڪري رهي آهي سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ڀرپور حصو ڏنو وڃي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري جي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ نظير احمد گاڏهي سان سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو بهتر نموني ڪم ڪري رهيو اهڙي طرح ٻين صوبن کي به ڪم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو ڪٽيو پيو وڃي جيڪا سنڌ صوبي ۽ سنڌي عوام سان ناانصافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس 13 جي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪري رهيو آهيان پارٽي قيادت اڳيان پي ايس 13 ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ ترقياتي ڪمن، صحت، تعليم سميت سمورا مسئلا رکيا آهن جيڪي جلد حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري باقراڻي تعلقن ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ۽ انشاءِ ﷲ نوان ترقياتي ڪم به ڪرايا ويندا. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، اڳوڻي چيئرمين لياقت علي سومرو، يوسي مڏباهو چيئرمين مظفر چانڊيو، يوسي مشوري ايٽ هٽي چيئرمين شڪيل احمد مينگل، حبيب ﷲ کوکر، محراب خاصخيلي، آغا ميهر علي جلباڻي، صحبت علي جسڪاڻي، غلام قادر ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيٺارجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ
پي ايس 13 جي عوام جي حقن ل
حصو ڏنو وڃي: عادل الطاف انڙ
0 تبصرے