English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ مبينا اغوا ٿيل نينگري منيشا ڪماري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ مهيشوري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج
148 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)مهيشوري ايڪشن ڪميٽي ۽ اغوا ٿيل هندو نينگري منيِشا ڪماري جي وارثن پاران اڄ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته 2 ڊسمبر 2025 تي ٿاڻو سڪهن، ملير جي حدن مان اغوا ڪيل منيِشا ڪماري بابت ڊيڍ مهينو گذرڻ باوجود ڪا به ڄاڻ يا سراغ نه مليو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن۔مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي منيِشا ڪماري جي بازيابي لاءِ نعرا هنيا۔ احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مان متاثر خاندان جي شديد تڪليف، غم ۽ بيچيني جو اظهار ٿيو۔مظاهري دوران آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ويو ته منيِشا ڪماري کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي، اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته ڊيڍ مهيني جهڙي ڊگهي عرصي باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي وڏو سواليا نشان آهي۔احتجاج ۾ مهيشوري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ نجما مهيشوري، مڪيش ڪمار، رامجي جانجھا، ابومل، لالو ڏوهو، اجمل مهيشوري، ويراغ مل، ڊاڪٽر ونیش آريا، منيِشا جي والد سبھاگو سميت وڏي تعداد ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي۔مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن منيِشا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مهيشوري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج
ملير ۾ مبينا اغوا ٿيل نينگري منيشا ڪماري
0 تبصرے