English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا فوڊ سينٽر ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين ۽ بدعنوانين جو انڪشاف، اي سي پاران لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي جي سفارش
289 views
|
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو ڄاڻايل سينٽر تي دوري بعد جاچ رپورٽ ڊي سي خيرپور حوالي ڪري ڇڏي
ھڱورجا(رپورٽر)خوراڪ کاتي جي ھڱورجا فوڊ سينٽر ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين ۽ بدعنوانين جو انڪشاف . اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران ڄاڻايل سينٽر تي وزٽ ڪرڻ بعد جاچ رپورٽ ڊي سي خيرپور حوالي ڪري ڇڏي آھي اي سي پاران ڊي سي کي موڪليل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوڊ گودام ۾ خراب ٿيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون موجود آھن جيڪي انتظامي نااھلي ۽ عدم دلچسپيءَ سبب خراب ٿيون. رپورٽ ۾ ھنڱورجا ۽ سڳيون سينٽر تي رٽائرڊ ٿيل فوڊ انسپيڪٽر مقرر ٿيل ھجڻ جو انڪشاف. اي سي سوڀوديرو پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي وئي آھي تفصيل موجب ھنڱورجا فوڊ سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ پاران وزٽ ڪرڻ دوران وڏا انڪشاف ٿيا آھي اي سي سوڀوديرو پاران ڊي سي خيرپور کي لکت ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ 50 ڪلو وزن واريون ٻوريون مان صرف 10 کان 15 ڪلو نڪرڻ ء وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ غائب ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي رپورٽ م ڄاڻايو ويو آھي سينٽر تي پيل ڪڻڪ ۾ مٽي ملاوت ڪئي وئي آھي رپورٽ ۾ اھو ب ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڻڪ جو پوراءُ ڪرڻ لاءِ صاف ڪڻڪ کي مٽي ۽ سينواريل ڪڻڪ سان ملايو ويو آهي جيڪا ڪڻڪ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي اھو ب رپورٽ ۾ چيو ويو آھي رٽائرڊ فوڊ انسپيڪٽر نثار مھر رٽائر ٿيڻ باوجود اڃا تائين ھنڱورجا ۽ سڳيون سينٽرن جي نگراني ڪندو رهي ٿو جيڪا سندس غيرقانوني ڊيوٽي ۽ ضابطن جي کُلي ڀڃڪڙي آهي ڊي سي خيرپور کي ڏنل رپورٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران اعليٰ اختيارين کان مڪمل انڪوائري جي سفارش ڪندي ذميوار عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي جي گُهر ڪري ڇڏي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا فوڊ سينٽر ۾ وڏي پيماني تي بي
0 تبصرے