English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس
5 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو کان راڻي پور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير بابت ٿيل اجلاس ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم ۽ ٻيا به شريڪ
نوشهرو فيروز(ڊ ر)ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو جي صدارت هيٺ مورو کان راڻي پور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو ۔ اجلاس کي خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر شهمير خان ڀٽو لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ھن قومي منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪن ، جيئن عوام کي بهتر سفري سهولتون مهيا ٿي سگهن ۽ خراب روڊ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي۔ هن تعميراتي ڪم جي سست رفتاري تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جون سخت هدايتون ڏنيون ھن لاڳاپيل اختيارين کي ھدايت ڪئي تہ ھر پنجن ڪلوميٽرن جي روڊ مڪمل ڪرڻ بعد ٻين پنجن ڪلوميٽرن جو ڪم شروع ڪيو وڃي تہ جيئن ٽريفڪ ۽ سيڪورٽي جا مسئلا نہ ٿين ۽ ماڻھن کي بھتر سفري سهولتون فراهم ٿي سگھن . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم چيو ته نيشنل هاءِ وي جي تعمير جو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، جنهن کي فوري طور تي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته دير سبب روزانو حادثا ٿي رهيا آهن جن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان گڏ مالي نقصان به ٿي رهيو آهي ۔ ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جنرل مينيجر محمد حسين شاهه ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سمائر ، عمران احمد شيخ، ايس ايس پي موٽروي پوليس عابد ، ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل خان کوسو ، ايڊيشنل ڪمشنر ون نوشھرو فيروز صدام حسين ميمڻ ، ايڊيشنل ڪمشنر ون شهيد بينظير آباد سيد عمار حسين شاهه ، چائنا ريلوي 6 گروپ جا انجنيئر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) جي سهڪار سان لڳ ڀڳ 40 ارب روپين جي لاڳت سان مورو کان راڻي پور تائين 86 ڪلوميٽر ڊگهي نيشنل هاءِ وي جي تعمير جاري آهي، جيڪو منصوبو چائنا ريلوي سڪس گروپ طرفان ٻن سالن ۾ سيپٽمبر 26 تائين مڪمل ڪيو ويندو . ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي پروجيڪٽ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ اسان پنهنجي وسيلن ۾ رهي ڪري ڪم رھيا آھيون ڪجھ ٽيڪنيڪل مسئلا آھن ھن پڪ ڏياري تہ ڪم جي رفتار کي بھتر ڪيو ويندو جيئن ٽريفڪ جي رواني برقرار رهي ۽ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف پيش اچي۔ اجلاس دوران ايس ايس پي موٽروي پوليس چيو ته موٽروي پوليس جو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ چيني ڪمپني سان مڪمل سهڪار جاري آهي۔ هن ٻڌايو ته موٽروي پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار مسلسل پئٽرولنگ ڪري رهيا آهن، جيئن ٽريفڪ جام نه ٿئي ۽ ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچي سگهجي۔ ايس ايس پي نوشهرو فيروز روحل خان کوسو چيو ته مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جام سبب روڊ حادثا پيش اچن ٿا۔ هن چيو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موٽروي پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ سنڌ پوليس جا جوان گڏيل طور پئٽرولنگ ڪري رهيا آهن تہ جيئن ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائي سگھجي ۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جام ٿيڻ جي صورت ۾ سيڪيورٽي جا خدشا به وڌي وڃن ٿا، جنهن سبب عوام کي وڌيڪ مسئلا پيش اچن ٿا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان تحریک انصاف کے جلسے کے دوران ڈیوٹی میں غفلت، آئی جی سندھ نے 5 ڈی ایس پیز کو ہٹا دیا، 6 ایس ایچ اوز معطل
15th Jan 2026
•
سندھ
بی جی سی کا سی آر اے نومتخب باڈی کے اعزاز میں ظہرانہ
15th Jan 2026
•
سندھ
لوکل باڈیز رپورٹرز ایسوسی ایشن(لبرا) کے زیر اہتمام صحافتی خدمات، حقوق و مسائل پر شاندار تاریخی "لوکل باڈیزجرنلسٹس کنونشن " کا انعقاد
15th Jan 2026
•
سندھ
ہنگورجا فوڈ سینٹر میں رکھی گندم کے خراب ہونے پر نوٹس
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، ڪيترائي گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو
نوشهرو فيروز ۾ڊويزنل ڪمشنر
0 تبصرے