جسقم جي ڪارڪنن رُڪُ سنڌي ۽ عطا محمد واڍو جي اڳواڻيءَ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي، ٻارڙا به شريڪ
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ 17 جنوري تي ملهائي ويندڙ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن رُڪُ سنڌي ۽ عطا محمد واڍو جي اڳواڻيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل ڪارڪنن هٿن ۾ مشعلون کڻي ڏوڪري شهر جي مختلف بازارن جو گشت ڪيو ۽ بعد ۾ ڏوڪري پريس ڪلب آڏو پهچي اجتماع منعقد ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌي قوم جي شعور، سڃاڻپ ۽ حقن جي جدوجهد جو علامتي نالو آهي، جنهن سڄي عمر سنڌ جي وسيلن، ٻولي، ثقافت ۽ سياسي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد، جمهوريت ۽ قومي آزاديءَ جو پيغام ڏنو، جيڪو اڄ به سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ راهه ڏيکاريندڙ آهي.ڳالهائيندڙن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ کي درپيش سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي ۾ لڪل آهي. هنن زور ڏنو ته سنڌي قوم کي پنهنجي تاريخي جدوجهد سان واڳيل رهندي شعوري ۽ منظم جدوجهد کي اڳتي وڌائڻو پوندو.آخر ۾ اڳواڻن اعلان ڪيو ته 17 جنوري تي سن ۾ ٿيندڙ مرڪزي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي گهر گهر تائين پهچايو ويندو.
0 تبصرے