English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ نيشنل پاليسي فار ويليوز ايجوڪيشن بابت اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ بابت گڏجاڻي
219 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي صدارت ۾ ٿي، عالم سڳورن جي به شرڪت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي صدارت هيٺ ضلعي ٺٽي ۾ نيشنل پاليسي فار ويليوز ايجوڪيشن (NPVE) 2024 بابت آگاهي ۽ اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ بابت درٻار ھال مڪلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ خطيبن، امامن ۽ مذهبي عالمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ضلعي جي مختلف مدرسن سان واسطو رکندڙ خطيب ۽ امام پڻ موجود هئا. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ NPVE 2024 پاليسي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته قومي سطح تي اخلاقي، سماجي ۽ انساني قدرن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته مذهبي ادارا، مدرسه ۽ عالم سوسائٽي جي سڌاري ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ حڪومت سنڌ مذهبي اڳواڻن کي ساٿي بڻائي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ چاهي ٿي. گڏجاڻي ۾ NPVE 2024 پاليسي جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي خيال چونڊيا ويا جنهن دوران مذهبي عالمن پاليسي جي مقصدن، افاديت ۽ نوجوان نسل جي اخلاقي تربيت بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. شرڪت ڪندڙن پاليسي سان متفقه طور اتفاق ظاهر ڪندي ان جي حمايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ٺٽي جي مختلف مدرسن ۾ NPVE 2024 پاليسي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ خاص سيمينار منعقد ڪيا ويندا ته جيئن شاگردن ۽ استادن ۾ اخلاقي قدرن، رواداري ۽ سماجي ذميواري بابت شعور پيدا ڪري سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ مذهبي عالمن جي سهڪار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان سماج ۾ مثبت تبديلي ايندي ۽ نوجوان نسل کي سٺن قدرن سان آراسته ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
آمروں کے خلاف ’’کاکروچ‘‘ پہلے بھی نکلے تھے، اب بھی نکل سکتے ہیں: پیپلز پارٹی
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
جو لوگ اسی نظام سے فائدہ اٹھاتے رہے، اب اسے ہی ناکام قرار دے رہے ہیں: رانا ثناء اللہ
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مصر پر حملے کو اسرائیل کی ’فالس فلیگ‘ کارروائی قرار دے دیا
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا قبضو
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف 8 آگسٽ تي ملير ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاليسي فار ويليوز ايجوڪيشن بابت اتفاقِ
ٺٽي ضلعي ۾ نيشنل پاليسي فار ويليوز
0 تبصرے