ٺٽو( شفيق ڀٽي)ساڪرو برانچ ريگيوليٽر، جيڪو آر ڊي 103 ڪي بي ايف ايل مان نڪري ٿو، ڪيترن ئي سالن کان زبون حالي ۽ تباهي جو شڪار رهڻ بعد آخرڪار سال 2026ع ۾ مڪمل طور تي بحال ڪري فعال ڪيو ويو آهي، جيڪو علائقي لاءِ وڏي خوشخبري قرار ڏنو پيو وڃي.هي اهم منصوبو علائقي جي چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي گڏيل ڪوششن سان مڪمل ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ۽ ايم پي اي پي ايس 76 حاجي علي حسن زرداري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي خاص ڪردار کي اهميت حاصل رهي.ان کان علاوه، چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج، ايس اي بگھاڙ سرڪل، ايڪسين ساڪرو ڊويزن عطا محمد ۽ ايس ڊي او ايريگيشن غلام الله سب ڊويزن عبدالغني پڻ منصوبي جي تڪميل ۾ اهم ذميواريون نڀايون.منصوبي تحت ريگيوليٽر جا سمورا دروازا تبديل ڪيا ويا، فني خرابيون ختم ڪيون ويون ۽ ريگيوليٽر کي جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، انشاءَ الله سال 2026ع دوران ساڪرو برانچ مان نڪرندڙ سموريون شاخون آساني سان پاڻي حاصل ڪري سگهنديون، جنهن سان زرعي زمينون آباد ٿينديون ۽ علائقي جي زرعي پيداوار سميت معاشي خوشحالي ۾ نمايان واڌ ايندي.علائقي واسين پي ايس 76 جي چونڊيل قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته کين اهڙي وقت سر قيادت ملي آهي، جنهن علائقي جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ عملي جدوجهد ڪري نتيجا حاصل ڪيا آهن
0 تبصرے