ٺٽي ۾ جنگشاهي جي ڳوٺ منگر خان پليجو واسي پيرسن جو احتجاج

خانداني زمين 40ايڪڙ آهي، ڀائرن جعلي کاتا ظاهر ڪري زمين وڪڻي ڇڏي آهي: محمد خان پليجو

ٺٽي ۾ جنگشاهي جي ڳوٺ منگر خان پليجو واسي پيرسن جو احتجاج

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)جنگشاهي ڳوٺ منگر خان پليجو جي رهائشي محمد خان پليجو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پهچي دانهندي چيو آهي ته ديھ هالاٺ تپو هاليجي ۾ بلاڪ 1047-1048 ايراضي 20 ايڪڙ ذاتي زمين سميت 40 ايڪڙ خانداني زمين آهي جنهن زمين مان خانداني زمين مان سندس ڀائرن نالي عبدالله پليجو ۽ اشرف علي پليجو جن بخشش وارا جعلي کاتا ظاهر ڪري هڪ شخص نالي جمال الدين پليجو کي زمين لڪ ۾ وڪرو ڪئي آهي جڏهن ته وڪرو ڪيل زمين ۾ جيڪو سندس خانداني زمين جي حثيت سان حصو آهي اهو به کيس نه مليو آهي نه ورهاست ٿي آهي جڏهن ته خريدار ڌر واري نالي جمال الدين پليجو پاور جي زور 20 ايڪڙ زمين تي ٽريڪٽر هلائي قبضو ڪري رهيو آهي جنهن بابت سول ڪورٽ ٺٽو ۾ پڻ ڪيس زير التوا آهي جڏهن ته ڊي سي ٺٽو سميت اعليٰ ادارن کي پڻ لکت ۾ درخواستون ڏنل آهن جڏهن حد جي پوليس کي پڻ اطلاع ڪيو ويو آهي پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي قبضو ڪندڙ جمال الدين ۽ سندس ڀائر کيس جاني نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا هن ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ جناب عدالت جي ايندڙ فيصلي تائين پاور جي زور تي ٿيندڙ قبضو روڪرائي کيس ملندڙ ڌمڪين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي