English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ جنگشاهي جي ڳوٺ منگر خان پليجو واسي پيرسن جو احتجاج
146 views
|
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
خانداني زمين 40ايڪڙ آهي، ڀائرن جعلي کاتا ظاهر ڪري زمين وڪڻي ڇڏي آهي: محمد خان پليجو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)جنگشاهي ڳوٺ منگر خان پليجو جي رهائشي محمد خان پليجو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پهچي دانهندي چيو آهي ته ديھ هالاٺ تپو هاليجي ۾ بلاڪ 1047-1048 ايراضي 20 ايڪڙ ذاتي زمين سميت 40 ايڪڙ خانداني زمين آهي جنهن زمين مان خانداني زمين مان سندس ڀائرن نالي عبدالله پليجو ۽ اشرف علي پليجو جن بخشش وارا جعلي کاتا ظاهر ڪري هڪ شخص نالي جمال الدين پليجو کي زمين لڪ ۾ وڪرو ڪئي آهي جڏهن ته وڪرو ڪيل زمين ۾ جيڪو سندس خانداني زمين جي حثيت سان حصو آهي اهو به کيس نه مليو آهي نه ورهاست ٿي آهي جڏهن ته خريدار ڌر واري نالي جمال الدين پليجو پاور جي زور 20 ايڪڙ زمين تي ٽريڪٽر هلائي قبضو ڪري رهيو آهي جنهن بابت سول ڪورٽ ٺٽو ۾ پڻ ڪيس زير التوا آهي جڏهن ته ڊي سي ٺٽو سميت اعليٰ ادارن کي پڻ لکت ۾ درخواستون ڏنل آهن جڏهن حد جي پوليس کي پڻ اطلاع ڪيو ويو آهي پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي قبضو ڪندڙ جمال الدين ۽ سندس ڀائر کيس جاني نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا هن ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ جناب عدالت جي ايندڙ فيصلي تائين پاور جي زور تي ٿيندڙ قبضو روڪرائي کيس ملندڙ ڌمڪين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ جنگشاهي جي ڳوٺ منگر خان پليجو
0 تبصرے