منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ۾ بھار فائونڊيشن پاران پروگرام منقعد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي به شرڪت
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) تعليم انسان جي شخصيت سنواري سٺو شھري بڻائي ٿي جڏھن ته ھنر معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو تعليم ۽ ھنر گڏ ھجڻ سان ماڻھو پنھنجي ۽ سماج لاء فائديمند ثابت ٿئي ٿو اڳواڻ خبر موجب : ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون جي علائقي ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ ۾ بھار فائونڊيشن جي اداري منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ۾ بھار فائونڊيشن پاران تعليم ۽ ھنر جي اھميت بابت پروگرام منقعد ڪيو ويو جنھن ۾ نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، پروگرام کي سنڌ جي خوشبوئن واري شھر شڪارپور کان آيل گريوا جي صدر محمد قاسم پٺاڻ ، سنڌ جي واپار جو مرڪزي شهر گھوٽڪي کان ڪھي آيل استاد ۽ گريوا جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري فضل حسين ڪلھوڙو ۽ بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو مستقبل اوھان نوجوان جي ھٿ ۾ آھي ان لاء ضروري آھي ته تعليم سان گڏ ھنر سکو صرف تعليم حاصل ڪري ڪيترائي نوجوان بي روزگار آھن ھنر مند ماڻھن جي پوري دنيا ۾ ضرورت آھي ، ھنن وڌيڪ چيو ته اڄ جي دؤر ۾ ڪيترائي نوجوان پڙھيل لکيل بيروزگار ان ڪري آھن جو وٽن عملي مھارتون ناھن جيڪڏھن تعليم سان گڏ ڪمپيوٽر ، اليڪٽريشن ، پلمبر ، موبائيل رپيئرنگ ، درزي ،ڊرائيونگ يا ٻيو ڪو فني ڪم سکي ورتو ت ماڻھو آساني سان پنھنجو روزگار شروع ڪري سگھي ٿو ، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تعليم انسان کي سوچڻ ، سمجھڻ ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ سيکاري ٿي جڏھن ت ھنر انسان کي عملي زندگي ۾ پاڻڀرو بڻائي ٿو صرف ڪتابي تعليم حاصل ڪرڻ سان نوڪري ملڻ ضروري ناھي جيڪڏھن تعليم سان گڏ ھنر ب ھجي ت انسان روزگار جا وڌيڪ موقعا حاصل ڪري سگهو ٿو
0 تبصرے