تقريب جو خاص مهمان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ پيپلزپارٽي ضلعي ملير جو صدر راجا رزاق هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ايڇ ايڇ ینگ ورلڊ اڪيڊمي اينڊ ڪمپيوٽر مينيجمينٽ سائنس سينٽر طرفان شهيد بينظير ڀٽو اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سرٽيفڪيٽ پروگرام جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ملير جو صدر راجا رزاق هو، جنهن سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو.ان موقعي تي سينٽر جي سي اي او عرفان عباسي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اداري جو بنيادي مقصد عورتن ۽ نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب فني ۽ ٽيڪنيڪي مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي، جيئن هو پاڻ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آئي ٽي سرٽيفڪيٽ پروگرام تحت مستحق عورتن ۽ نوجوانن کي مفت تربيت فراهم ڪئي ويندي.تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي راجا رزاق چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب هن تربيتِي سينٽر جو افتتاح ڪندي کيس دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، ۽ اهڙا ادارا سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته جديد دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم وقت جي اهم ضرورت آهي، ۽ اهڙا پروگرام نوجوان نسل کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.تقريب کي پاڪستان پيپلزپارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، انفارميشن سيڪريٽري شاه جهان خان، طارق پٺاڻ، سامي ميمڻ، ذوالفقار مير جت سميت ٻين اڳواڻن ۽ معزز مهمانن پڻ خطاب ڪيو ۽ هن قدم کي ساراهيو.
0 تبصرے