نيلم ڪُماري ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل ڪيلاش ڪولھي جي وارثن سان ملاقات ڪري سندن ڏک ونڊيو
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) مسلم ليگ (ن) جي اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي نيلم ڪُماري تلھار ويجھو ڳوٺ پيرو لاشاري جو دورو ڪيو، جتي هن چند ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل ڪيلاش ڪولھي جي وارثن سان ملاقات ڪئي، ايم اين اي نيلم ڪُماري مقتول جي والده، والد، زال ۽ ٻارن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هن وارثن کي يقين ڏياريو ته ڪيلاش ڪولھي جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ عدالت ۽ قانون تي مڪمل اعتماد رکي ٿي ته جوابدار کي سخت سزا ڏني ويندي ۽ مقتول کي انصاف ملندو، نيلم ڪُماري وڌيڪَ چيو ته هوءَ هن ڏکئي وقت ۾ ڪيلاش ڪولھي جي خاندان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، دوري دوران رتن ڪمار امباڻي، پريم مڪواڻا، راجيش ڪمار ۽ مهیش ڪمار سان گڏ موجود هئا.
0 تبصرے