مولانا سيد شهينشاه حسين نقوي، علامه نثار احمد قلندري، شبر رضا رضوي، رياض الحسن ۽ ٻيا به شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جعفريه الائنس جي هيٺان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي ذميوارن جو اهم اجلاس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. جعفريه الائنس پاڪستان جي اهتمام هيٺ حيدرآباد جي مقامي لان ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي ذميوارن جو گڏيل ۽ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڊويزنن جي سمورن ضلعن جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ جعفريه الائنس جي مرڪزي قيادت جا ميمبر پڻ موجود هئا، جن ۾ صدر مولانا سيد شهينشاه حسين نقوي، سينيئر نائب صدر علامه نثار احمد قلندري، جنرل سيڪريٽري شبر رضا رضوي، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري رياض الحسن سميت ٻين مرڪزي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي شروعاتي خطاب ڪندي سينيئر نائب صدر علامه نثار احمد قلندري شرڪت ڪندڙن کي سنڌ صوبي ۾ جعفريه الائنس جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته جعفريه الائنس جي صدر مولانا سيد شهينشاه حسين نقوي اجلاس کي خطاب ڪندي ٻنهي ڊويزنن جي ذميوارن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.هن تنظيم جي نئين دستور موجب ضلعي سيٽ اپ جي تشڪيل بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني ۽ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن لاءِ هڪ آرگنائيزنگ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته جلد ئي سنڌ جي ٻين ڊويزنن، يعني سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي جو به گڏيل اجلاس سڏايو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي ٻنهي ڊويزنن جي ذميوارن جي حوصلا افزائي لاءِ يادگاري شيلڊون پڻ ورهايون ويون.
0 تبصرے