گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جو ٽيجھو، سندس پٽ کي پڳ ٻڌائي وئي

پڳ واري رسم دوران ماحول سوڳوار، ڪيترائي ماڻھون استاد الھرکيو خاصخيلي کي ياد ڪري اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا

گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جو ٽيجھو، سندس پٽ کي پڳ ٻڌائي وئي

ھڱورجا(رپورٽر)گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جو ٽيجھو.مختلف سياسي سماجي. ادبي مذھبي اگواڻن چونڊيل نمائندن سميت سوين ماڻھن جي شرڪت.ٽيجھي جي تقريب م الھرکيو خاصخيلي جي وڏي فرزند کي پڳ ٻڌائي وئي.ٽيجھي جي تقريب کي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران الھرکيو خاصخيلي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ الھرکيو خاصخيلي تاريخ جو وڏو ماڻھو ھيو جنھن سموري ڄمار مظلوم مسڪين ماڻھن جي مدد ۽ ظالم جابر آڏو پھاڙ بڻجي ان جو مقابلو ڪيو سندس جون ڪيل خدمتون صدين تائين ياد رھنديون مقررين پاران ٽيجھي واري تقريب کي خطاب . تقريب دوران الھرکيو خاصخيلي يادگار ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو .تفصيل موجب گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جو ٽيجھو ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ سرائي صيفل خاصخيلي ۾ ٿي گذريو ٽيجھي جي رسمن ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي صدر سڪندر جتوئي . پ پ پ اڳواڻ علي حيدر کرل ھنڱورجا ٽائون چيئرمين سيد عباس علي شاھ لڪياري سيد حسن علي شاھ لڪياري. سرائي نثار خاصخيلي.سرائي عابد خاصخيلي گسٽا ضلعي صدر نبي بخش مڪول . سنبوا جي بشير سھتو . ساس جي محبت سھتو.لالڻ چنو خيرپور صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ.شمن راڄپر عبدالجبار چانگ ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان سھتو سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف سياسي سماجي ادبي. معززين . شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ٽيجھي واري تقريب ۾ استاد الھرکيو خاصخيلي جي وڏي فرزند بلاول خاصخيلي کي پگ ٻڌائي وئي پگ واري رسم ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ۽ خاصخيلي برادري جي معززين پڳ کي ور ڏنا . پڳ واري رسم دوران ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻھون استاد الھرکيو خاصخيلي کي ياد ڪري اوچنگارون ڏئي روئيندا رھيا. ٽيجھي واري تقريب کي استاد الھرکيو خاصخيلي جي ڀاءُ ايس يوپي اڳواڻ فتح علي خاصخيلي. يوسي سفوران جي چيئرمين بشير خاصخيلي. پ ٽ الف اڳواڻ سڪندر جتوئي. اعجاز خاصخيلي. بشير سھتو .لالڻ چنو.ڄام محبت سھتو.گسٽا اڳواڻ نبي بخش مڪول ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته استاد الھرکيو خاصخيلي تاريخ جو وڏو ماڻھون ھيو جنھن سموري زندگي مظلوم مسڪين ماڻھن جي حقن لاء جدوجھد ڪندو رھيو ان سموري سنڌ جھر جھنگ ۾ وڃي ماڻھن جا مسئلا حل ڪندو ھو ادب. سياست.مذھب تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندو ھو بھادر ۽ ارڏو انسان ھيو ڪنھن جي آڏو جھڪڻ پسند نہ ڪندو ھيو مسڪينن جو يار ھيو استاد الھرکيو خاصخيلي استادن جي تنظيم گسٽا جو 6 سال مرڪزي صدر رھيو استادن جي حقن لاء شاندار جدوجھد ڪئي اڄ ب سنڌ جا استادن جي تحريڪن جو مثال ڏيندا آھن تمام وڏو مقرر ھيو لفظن جو بادشاھ ھيو ان جي وڇوڙي تي پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجي نہ سگھبو