خالد حسين چنا بنيادي صحت مرڪز گجّو، سول اسپتال مڪلي ۽ بنيادي صحت مرڪز ڇٽو چند جو دورو ڪيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سماجي تحفظ واري کاتي جي سيڪريٽري خالد حسين چنا بنيادي صحت مرڪز گجّو، سول اسپتال مڪلي ۽ بنيادي صحت مرڪز ڇٽوچندجو دورو ڪري تفصيلي معائنو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري چيو ته حڪومت سنڌ عوام کي بنرادي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سوشل پروٽيڪشن ۽ صحت جا پروگرام غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ وڏو سهارو بڻيل آهن. هن چيو ته رجسٽريشن ۽ تعميل جو عمل شفاف، آسان ۽ تيز هجڻ گهرجي ته جيئن هر حقدار ماڻهو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ان موقعي تي جي ايم آپريشنز ايس ايس پي اي سهيب، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ، ڊبليو جي سي ڊي آر فاروق علي مهر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر هيڊ امجد علي سيڪريٽري کي ضلعي پروفائيل، صحت مرڪزن جي ڪُل تعداد ۽ رجسٽريشن توڙي تعميل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سيڪريٽري اي آرز ۽ رجسٽريشن اسٽاف سان ڳالهائيندي چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عملي جو ڪردار انتهائي اهم آهي ڇو ته اهي ئي سڌي ريت عوام سان رابطي ۾ آهن. هن عملي کي هدايت ڪئي ته مستحق عورتن خاص ڪري زچگين جي ڪيسن ۾ مڪمل سهڪار ۽ عزت سان سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته ادائيگين ۾ دير يا ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي ناقابلِ قبول آهي ۽ جيڪڏهن اهڙيون شڪايتون سامهون آيون ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن بي ايڇ يو ڇٽوچند ۾ الفا ايجنٽ جي دوري دوران ادائيگين ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ٿيڻ جي تصديق تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن خالد حسين چنا لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته صحت مرڪزن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سميت نگراني جو نظام مضبوط ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي فلاحي منصوبن جا فائدا حقيقي مستحق ماڻهن تائين شفاف ۽ بروقت پهچايا وڃن.
0 تبصرے