عمرڪوٽ ۾ ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف احتجاج، وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ

عمرڪوٽ ۾ ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف احتجاج، وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) بدين جي علائقي ۾ هاري ڪيلاش ڪولهي جي بي رحماڻي قتل خلاف عمرڪوٽ ۾ ڪولهي برادري ۽ وڪيلن پريس ڪلب آڏو شديد احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين قاتلن جي عدم گرفتاري تي پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ انصاف جي فراهمي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته مقتول ڪيلاش ڪولهي پنهنجي جهونپڙي تعمير ڪري رهيو هو ته ان دوران بااثر وڏيري فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس مرڪزي نامزد جوابدار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، جيڪو پوليس جي نااهلي ۽ جوابدار جي پٺڀرائي جو واضح ثبوت آهي، احتجاج ۾ وڪيل برادري به ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ واقعي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، بار صدر شريف ڀيل، وڪيل ڀورا لال ڀيل، وڪيل تيرٿ ميگهواڙ سميت ٻين وڪيلن مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، احتجاج ۾ ڊاڪٽر مولچند، نيرو لال، پون ڪمار، جگمال داس، اي ڊي مڪواڻا، امولڪ داس سميت وڏي انگ ۾ مرد ۽ عورتون شريڪ هيون، جن ۾ نيلا، لڇمي ۽ ٻيون عورتون به شامل هيون، مظاهرين پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پوليس ۽ بااثر عنصرن خلاف نعرا هنيا، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي بدين فوري طور تي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري مقتول ڪيلاش ڪولهي جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪولهي برادري ۽ وڪيل گڏيل طور سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.