ايم اين اي ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ جي معاشي موضوع تي ٻَڌل ڪتاب ”معيشت ۽ پارليامينٽ“ جي ڪراچيءَ ۾ مهورت
ڪراچي: سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪوبه ڪتاب يا آتم ڪٿا لکڻ ۾ حقيقت پسندي ۽ ايمانداري بنيادي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ليکڪ تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو تاريخ سان ديانتداريءَ سان پيش اچي. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ جي معاشي موضوع تي ٻَڌل ڪتاب ”معيشت ۽ پارليامينٽ“ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيل مهورت واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندي چيو ته مان پنهنجي ڪتاب ”چاه يوسف سي صدا“ لکڻ جي شروعات قيد دوران ڪئي هئي. هن چيو ته سفرنامو لکڻ نسبتن آسان هوندو آهي جڏهن ته پنهنجي زندگيءَ کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ لکڻ جرئت، تسلسل ۽ مستقل مزاجيءَ جي گُهر ڪري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيشت ۽ پارليامينٽ جو گڏيل ڳانڍاپو اڻٽر آهي ۽ ان ۾ ڪنهن هڪ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته قومي مسئلن جو حل اجتماعي سوچ، ڳالهين ۽ گڏيل تجربن ذريعي ئي ممڪن آهي. پارلياماني معاملن تي وڌيڪ معياري ادب جي ضرورت تي زور ڀريندي هن چيو ته اهڙيءَ طرح جون لکڻيون نوجوان نسل کي ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري نظام کي سمجهڻ ۾ مدد ڪنديون. هن ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ کي ڪتاب جي ڇپائيءَ تي مبارڪون ڏيندي کيس هڪ قابلِ قدر ۽ لازمي مطالعو قرار ڏنو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ چيو ته معيشت ۽ پارليامينٽ ان جو 11هون ڪتاب آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل 23 سالن دوران هو حڪمراني، بزنس ڪميونٽي ۽ معيشت بابت هڪ هزار کان وڌيڪ ڪالم لکي چڪو آهي. هن پنهنجي آتم ڪٿا لمٽ ليس جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ان يقين جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستاني هئڻ جي ڪا حد نه هئڻ گهرجي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، چين جو قونصل جنرل، عراق جو قونصل جنرل، مراڪش ۾ پاڪستاني قونصل جنرل، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، پ پ اڳواڻ نويد قمر، نفيسه شاهه، ناليوارو اديب انور مقصود، صحافي حما بقائي سميت سياسي ۽ سفارتي ڌُرين شرڪت ڪئي.
0 تبصرے