حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هيريٽيج واڪ جو اهتمام

ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي سي زين العابدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سميت سول سوسائٽي جي نمائندن، شاگرد ۽ شاگردياڻين جي شرڪت

حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هيريٽيج واڪ جو اهتمام

حيدرآباد (رپورٽر )ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هيريٽيج واڪ جو اهتمام، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي،ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سميت سول سوسائٽي جي نمائندن، شاگرد ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ،هيريٽيج واڪ جو مقصد جئين دنيا کي حيدرآباد جي ثقافتي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ سياحت کي هٿي ملي، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي. رپورٽ موجب :حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ اڄ هڪ هيريٽيج واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، واڪ جو باقاعده افتتاح ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي تاريخي بسنت هال کان ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سميت سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ شاگرد شاگردياڻيون موجود هئا، هيريٽيج واڪ ۾ شرڪت ڪندڙن بسنت هال کان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ شهر جي مختلف تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو، جن ۾ سيٺ ميٿارام هاسٽل، ڪي بي عظيم خان لائبريري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، دائل داس ڪلب ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس (سٽي) شامل هئا، قافلي هيرانند ڀيرو مل مينشن ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس جو به جائزو ورتو، بعد ۾ شرڪت ڪندڙ حيدر چوڪ جي تاريخي عمارتن، ڪوهنور چوڪ، ريشم گلي، مکي هائوس ۽ جهمت مل ڪمت راءِ جي عمارت تائين پهتا، واڪ جي روٽ ۾ حسرت موهاني لائبريري، تالپور ميرن جو حرم، پڪو قلعو، قديم شاهي بازار ۽ ڪند بائي واٽر ٽراؤف پڻ شامل هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته هن هيريٽيج واڪ جو سهرو اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين جي سر آهي، جن هي مثبت ۽ ساراهه جوڳو قدم کنيو، هن چيو ته حيدرآباد هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي، جتي تعليمي ادارا ۽ ثقافتي مرڪز اسان جي سڃاڻپ آهن، ضلعي انتظاميا جو مقصد انهن تاريخي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ انهن جي تشهير ڪرڻ به آهي، جيئن دنيا کي حيدرآباد جي ثقافتي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ سياحت کي هٿي ملي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته شهر ۾ برطانوي دور جون ڪيتريون ئي اهم ۽ خوبصورت عمارتون موجود آهن، جن جي سار سنڀال ثقافت کاتو ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته هن سرگرمي جي شروعات عمارتن جي فوٽوگرافي مقابلي سان ٿي هئي، جنهن کي بعد ۾ ضلعي انتظاميا هڪ ڀرپور هيريٽيج واڪ جي شڪل ڏني، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين چيو ته هن واڪ جو مقصد حيدرآباد جي تاريخي ورثي ۽ خوبصورت فنِ تعمير کي دنيا جي سامهون آڻڻ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان ذريعي نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي، جيئن شاگرد پنهنجي شهر جي تاريخ ۽ ثقافت کي پاڻ دريافت ڪري سگهن ۽ ان سان جڙيل رهڻ، هيريٽيج واڪ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن ضلعي انتظاميا جي هن ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته اڄ کين پنهنجي شهر جي تاريخ ۽ قديم عمارتن بابت تمام گهڻي نئين ڄاڻ ملي آھي.