ملير سان تعلق رکندڙ نوجوان جرمني مان ماسٽرز مڪمل ڪري ورتو

اسد اقبال بلوچ جرمني جي نامياري يونيورسٽي برلينر هوخشولي فئر ٽيڪنڪ مان ماسٽرز ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي

ملير سان تعلق رکندڙ نوجوان جرمني مان ماسٽرز مڪمل ڪري ورتو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)حاجي مراد جعفر ڳوٺ، ديھه ٿاڻو سان تعلق رکندڙ نوجوان اسد اقبال بلوچ جرمني جي نامياري يونيورسٽي برلينر هوخشولي فئر ٽيڪنڪ مان آفتھلمالاجي ۾ ماسٽرز ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي آهي۔اعليٰ تعليم جي تڪميل تي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي، جڏهن ته علائقي واسين، استادن ۽ سماجي اڳواڻن اسد اقبال بلوچ کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي۔ هن ڪاميابي کي علائقي جي نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي۔ان موقعي تي اسد اقبال بلوچ چيو ته هو پنهنجي تعليم کي انسانيت جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عزم رکي ٿو۔ عوام سندس وڌيڪ ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو آهي۔