سوڀوديرو جي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران ملير ۾ احتجاج، تحفظ جي گهُر

سوڀوديرو جي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران ملير ۾ احتجاج، تحفظ جي گهُر

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) خيرپور ميرس جي علائقي سوڀوديرو سان واسطو رکندڙ پريمي جوڙو ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ قانوني طور پسند جو نڪاح ڪرڻ بعد عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي جان جي تحفظ لاءِ اپيل ڪئي آهي پريس ڪانفرنس دوران گھوٽ ذيشان علي ولد ارشاد علي ابڙو ٻڌايو ته هن صنم ڌيءَ اڪرم ماڇي سان شريعتِ محمدي تحت نڪاح ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڏوهه شامل ناهي هن چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ سبب سندس زال جا مائٽ ۽ علائقي جا ڪجهه بااثر ماڻهو سندن جاني دشمن بڻجي ويا آهن، مٿس اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڳوٺ ۾ سندن گهرن تي چڙهايون ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي ڪنوار صنم ماڇي چيو ته هن ذيشان علي ابڙو سان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، کيس اغوا ناهي ڪيو ويو هن الزام هنيو ته سندس پيءُ اڪرم ماڇي، ڀائر بخت علي، شھزادو، ياسين عاشق ۽ اياز ماڇي سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ کين قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوڙي وڌيڪ الزام هنيو ته ڄاڻايل ماڻهن کي علائقي جي بااثر وڏيري جي پٺڀرائي حاصل آهي، جنهن سبب سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن پريمي جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ته جيئن هو بنا خوف جي پنهنجي زندگي خوشي ۽ امن سان گذاري سگهن