English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچ ۾ ٽيبل ٽينس جا مقابلا
17 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي جي سمورن تعلقن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٽيمن چيمپيئن شپ ۾ حصو ورتو
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير ۽ سيڪريٽري جي خاص ھدايتن تي ضلعي اسپورٽس کاتي نوشهروفيروز پاران اسپورٽس ڪامپليڪس نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٽيبل ٽينس جا مقابلا منعقد ڪيا ويا . جنھن جي مھمان خاص گورنمينٽ گرلس ڪاليج مورو جي پرنسپال افشان بانو ڪانڌڙو ھئي ، جڏهن ته گورنمينٽ گرلز ڪاليج مورو جي اسپورٽس ڪوآرڊينيٽر ميڊم رابعه ، احسان ڪانڌڙو ، علي جواد سهيل احمد لاشاري (لارا) ۽ ٻين اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي . ان موقعي تي نوشهروفيروز ضلعي جي سڀني تعلقن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٽيمن چيمپيئن شپ ۾ پرجوش حصو ورتو . شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري . ضلعي اسپورٽس آفيسر شهباز خان عباسي سڀني معزز مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ کي اجرڪ ۽ ٻيا ثقافتي تحفا پيش ڪيا .تقريب دوران ٻارن لاءِ مختلف تفريحي سرگرميون پڻ منعقد ڪيون ويون ۽ ٻارن کي ٽيبل ٽينس ۽ ٻين راندين بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي . ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ، مهمان خاص ٻارن کي راندين جي اهميت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته شاگردن کي تعليمي سرگرمين سان گڏ راندين ۾ به ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي . هن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران مسلسل بهترين راندين جا واقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ، جنهن جي ڪري ٻارن کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پهچڻ جا موقعا ملي رهيا آهن . هن راندين واري کاتي جي انهن ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن . آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ، ڪوچز، استادن، والدين ۽ رانديگرن هن ڪامياب تقريب کي منعقد ڪرڻ تي سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي ۽ ضلعي راندين جي انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني ترقي لاءِ مستقبل ۾ به اهڙا مقابلا جاري رکڻ گھرجن تہ جيئن تدريسي عمل سان گڏوگڏ صحت مند سرگرمين جي حوصلا افزائي ٿي سگھي . آخر ۾ ڪامياب ۽ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ٽرافيون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
v
نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح
0 تبصرے