English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي جي مين مارڪيٽ ۾ چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، واپاري خوف ۾ ورتل
209 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ سٽي جي مين مارڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر چورن جي وي چڙهي ويئي آهي جنهن سبب واپارين توڙي علائقي واسين ۾ سخت خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي۔ تازي واردات ۾ موبائل فونن جي هڪ دڪان، جنهن جو مالڪ الٰهي بخش بلوچ ٻڌايو وڃي ٿو رات دير سان دڪان جا تالا ٽوڙي قيمتي موبائل فون، ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا۔ صبح جو دڪان کولڻ تي مالڪ کي چوريءَ جو پتو پيو، جنهن کان پوءِ سڄي مارڪيٽ ۾ ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي۔واضح رهي ته گڏاپ مين سٽي مارڪيٽ ۾ هن کان اڳ به ٻه ٽي وڏيون چوريون ٿي چڪيون آهن پر اڄ تائين انهن وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويو اهي ۔ جنهن ڪري پوليس جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿڻ لڳا آهن۔متاثر واپاري الٰهي بخش بلوچ ۽ ٻين دڪاندارن جو چوڻ آهي ته بار بار ٿيندڙ چوريون رڳو سندن روزگار کي نقصان نه پيون پهچائين، پر سڄي علائقي جي امن امان ۽ حفاظتي نظام کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ هنن چيو ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ڏوهاري عنصرن جا حوصلا وڌيڪ وڌي ويندا۔مارڪيٽ جي واپارين ۽ علائقي جي رهواسين لاڳاپيل پوليس اختيارين ۽ اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گڏاپ مين سٽي مارڪيٽ ۾ رات جو گشت وڌايو وڃي، سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن ۽ اڳ ۾ ٿيل چورين ۾ ملوث ماڻهن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ سٽي جي مين مارڪيٽ
0 تبصرے