English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ ۽ ڀاڻيجو مبينا طور اغوا، گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن تي الزام
61 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد جي ڌڻي پرتو ڳوٺ جي رهواسي پورهيت محمد رحيم مستوئي پنهنجي رشتيدارن ياسين مستوئي، اصغر سولنگي ۽ وزير سولنگي سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس پٽ عامر علي مستوئي ۽ ڀاڻيجو اصغر علي مستوئي کي گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن مبينا طور اغوا ڪري گم ڪيو آهي محمد رحيم مستوئي ٻڌايو ته 3 جنوري تي عامر علي مستوئي ۽ اصغر علي مستوئي پنهنجي فيملي سان گڏ الٽو ڪار ۾ ڪراچي کان درگاهه شاھ يقيق وڃي رهيا هئا ته گجي وٽ پوليس اهلڪارن کين روڪي تلاشي جي بهاني بنا ڪنهن ڏوهه جي عورتن سميت چوڪي ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته اطلاع ملڻ تي جڏهن هو گجو پهتو ته چوڪي انچارج ۽ ٻيا اهلڪار مختلف بهانا بڻائي کين سڄي رات انتظار ڪرائيندا رهيا. صبح جو کين ٻڌايو ويو ته توهان جا ماڻهو اسان وٽ ناهن گھارو ٿاڻي وڃو جڏهن گھارو ٿاڻي پهتاسين ته اتي صرف عورتون موجود هيون، جڏهن ته نوجوان عامر علي ۽ اصغر علي موجود نه هئا عورتن کي حوالي ڪرڻ بعد گھارو پوليس کين ٻڌايو ته نوجوان سي آءِ انچارج وٽ آهن ٺٽو وڃو ٺٽي پهچڻ باوجود به نوجوانن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو جنھن بعد اسان سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آھي جنهن جي ٻڌڻي 6جنوري تي ٿيندي محمد رحيم مستوئي چيو ته هو پورهيت آهن ۽ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهن گھارو گجو پوليس تلاشي جي بهاني سندن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ عورتن جي تذليل ڪئي آھي، جنهن جا ثبوت پڻ موجود آهن هن خدشو ظاهر ڪندي چيوته نوجوانن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي ڪو نقصان پهچايو ويو ته ان جو ذميوار گجو پوليس چوڪي انچارج گھارو پوليس ۽ سي آء انچارج اطھر چنا هوندو آخر ۾ هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن نوجوانن کي ترت بازياب ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ
0 تبصرے