English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد ۾ اخباري اسٽال وٽ گندگي جا ڍير، انتظاميه ننڊ سُتل
240 views
|
05th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشنِ حدید فيز ٽو ۾ ايل ست مارڪيٽ ويجهو اخباري اسٽال پويان گذريل ٻن سالن کان گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب علائقي جا رهواسي، واپاري ۽ اخبار خريد ڪندڙ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سخت تعفن ۽ بدبو سبب اتي ڪجهه منٽن لاءِ بيهڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري واپاري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن. اخباري اسٽال جي پويان جانورن جون کلون ۽ ڪچرو ڊگهي عرصي کان پيل آهي، جنهن سبب علائقي ۾ شديد بدبو پکڙيل آهي. اخباري هاڪر ٻڌايو ته گندگي سبب نه صرف پنج منٽن لاءِ بيهڻ مشڪل آهي، پر اخبارن جي وڪري تي به خراب اثر پئجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن سنگين صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا گلشنِ حدید انتظاميا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن کي گندگي جي نيڪالي لاءِدرخواستون ڏنيون ويون، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي.متاثر شهرين ۽ واپارين ڪراچي جي ميئر سميت مقامي بلدياتي نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور هن مسئلي جو نوٽيس وٺي صفائي جا انتظام يقيني بڻائين، ته جيئن علائقي کي هن مستقل اذيت کان ڇوٽڪارو ملي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
آمروں کے خلاف ’’کاکروچ‘‘ پہلے بھی نکلے تھے، اب بھی نکل سکتے ہیں: پیپلز پارٹی
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
جو لوگ اسی نظام سے فائدہ اٹھاتے رہے، اب اسے ہی ناکام قرار دے رہے ہیں: رانا ثناء اللہ
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مصر پر حملے کو اسرائیل کی ’فالس فلیگ‘ کارروائی قرار دے دیا
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا قبضو
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف 8 آگسٽ تي ملير ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشنِ حديد ۾ اخباري اسٽال
0 تبصرے