English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد ۾ استادن لاءِ هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ
191 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ بڪين هائوس اسڪول سسٽم اسٽيل ٽائون جي سهڪار سان ٿيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد ۾ گرين اسڪول سسٽم ۾ بڪين هائوس اسڪول سسٽم اسٽيل ٽائون برانچ جي سهڪار سان استادن لاءِ هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو وئي. هن تربيتي پروگرام ۾ بڪين هائوس اسڪول سسٽم اسٽيل ٽائون سان لاڳاپيل نامياري ٽرينر مس نگهت سلمان استادن کي جديد تدريسي مهارتن بابت آگاهي فراهم ڪئي.ورڪشاپ دوران مس نگهت سلمان ذهني يڪسوئي ۽ مثبت خودڪلامي، تعارفي ۽ دلچسپي وڌائيندڙ سرگرميون، ابتدائي تعليم جو فلسفو، ان جا بنيادي اصول، نصاب جي تشڪيل ۽ منصوبا بندي، مونٽيسري طريقيڪار، راند ذريعي سکيا، راندين جون مختلف قسمن ۽ تعليمي جاچ ۽ تشخيص جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي.هن چيو ته ذهني سڪون، مثبت جملي جو استعمال ۽ ٻارن جي فطري صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ابتدائي تعليم جي مضبوط بنياد آهي، جيڪا ٻارن جي جذباتي واڌ ويجهه ۽ خوداعتمادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته راند ذريعي تعليم نه صرف ٻارن لاءِ سکيا کي خوشگوار بڻائي ٿي پر انهن جي همہ جهتي نشونما ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي.ان موقعي تي گرين اسڪول سسٽم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي خطاب ڪندي بڪين هائوس اسڪول سسٽم اسٽيل ٽائون جي سربراهه مس نصرت جوکيو جو خصوصي ٿورا مڃيا، جن جي سهڪار سان هي تربيتي ورڪشاپ ممڪن ٿي. هن چيو ته جديد دور جي گهرجن مطابق استادن جي لڳاتار پيشه ورانه تربيت انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تربيت کان سواءِ معياري تعليم جو تصور ممڪن ناهي.تربيتي سيشن دوران استادن ڀرپور دلچسپي ۽ جوش و خروش جو مظاهرو ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حاصل ڪيل تربيتي مهارتن کي عملي تدريسي عمل ۾ لاڳو ڪيو ويندو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نگهت سلمان استادن کي
0 تبصرے