English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ خودڪشين جو وڌندڙ الميو، 2025ع دوران 67 واقعا رپورٽ
226 views
|
31st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميه چونڊيل نمائندن ۽ اين جي اوز جو ڪردار به سواليه نشان بڻيل
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پوليس کاتي طرفان جاري ڪيل سالياني انگن اکرن موجب سال 2025ع دوران عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن اندر خودڪشين جا گهٽ ۾ گهٽ 67 واقعا سرڪاري رڪارڊ تي آيا آهن، جڏهن ته مقامي ذريعن ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته اصل انگ اکر هن کان ڪافي وڌيڪَ ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻتہ ڪيترائي واقعا دٻايا ويا آهن يا سماجي دٻاءُ سبب ظاهر ئي ناهن ٿي سگهيا، پوليس رڪارڊ موجب خودڪشي ڪندڙن ۾ 40 مرد، 26 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهي، 67 واقعن مان 64 واقعن ۾ فوتگين جي وارثن طرفان ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪرائي وئي، جڏهن ته صرف ٽن ڪيسن ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي سگهي آهي، پوليس موجب وارثن پاران بيروزگاري، گهريلو اڻبڻت، غربت ۽ ذهني توازن درست نه هجڻ جهڙا سبب ڄاڻائي ڪيس بند ڪرايا ويا، جاري ڪيل انگن اکرن مطابق خودڪشي جا 56 واقعا اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شهرين جا آهن، جن ۾ ڪولهي، اوڏ، ميگهواڙ، ڀيل سميت هندو برادري شامل آهي، جيڪو ضلعي ۾ سماجي ۽ معاشي ناانصافين ڏانهن به اشارو ڪري ٿو، سماجي حلقن ۽ شهري اڳواڻن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضلع عمرڪوٽ ۾ خودڪشين جهڙي سنگين مسئلي تي اينجيوز جو ڪردار تقريبن زيرو نظر اچي ٿو، مقامي ماڻهن جو الزام آهي ته اينجيوز صرف ڪاغذن ۾ منصوبا ڏيکاري فنڊ هڙپ ڪن ٿيون، جڏهن تہ عملي طور نه ڪا مستقل آگاهي مهم هلائي وڃي ٿي ۽ نه ئي متاثر علائقن ۾ ماڻهن سان سنجيده ڪم ڪيو وڃي ٿو، شهري حلقن جو وڌيڪَ چوڻ آهي ته گهڻيون اينجيوز سال جي آخري مهيني ۾ رڳو خانگي يا رسمي پروگرام ڪرائي رپورٽون تيار ڪن ٿيون ته جيئن فنڊن جو حساب پورو ڪري سگهجي، پر خودڪشين جي اصل سببن، ذهني صحت، بيروزگاري ۽ گهريلو مسئلن تي ڪو به اثرائتو يا ميدان ۾ نظر ايندڙ قدم ناهي کنيو ويو، سماجي اڳواڻن موجب سرڪاري انگ اکر صرف انهن واقعن تي ٻڌل آهن جيڪي پوليس رڪارڊ ۾ اچي سگهيا، جڏهن تہ ڪيترائي واقعا بدنامي، غربت ۽ دٻاءُ سبب ظاهر ئي ناهن ٿيا، هنن حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اينجيوز جي ڪردار جي به جاچ ڪئي وڃي، خودڪشين جي اصل سببن تي تحقيق ڪرائي وڃي ۽ حقيقي بنيادن تي آگاهي مهمون، نفسياتي سهڪار ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيئن هن وڌندڙ انساني الميي کي روڪي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
suicide case
پوليس آپگهات جي واقعن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا
0 تبصرے