پروفيسر سراج سوهو، پروفيسر چندر لعل، رٽائرڊ جج ذوالفقار ڪنبوهه، منور سنديلو ۽ بين جو خطاب
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري شهر ۾ سينيئر صحافي مرحوم محمد رمضان جوڻيجو جي ياد ۾ هڪ باوقار ۽ فڪري مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن جو اهتمام شهري امن ڪميٽي جي اڳواڻ محمد سليم واڍو ڪيو. مچ ڪچهري ۾ ڏوڪري شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن مان سياسي، سماجي، ادبي، تصوف سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مچ ڪچهري کي خطاب ڪندي پروفيسر سراج سوهو، پروفيسر چندر لعل، رٽائرڊ جج ذوالفقار ڪنبوهه، منور سنديلو، ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر فدا حسين ابڙو، قاضي آفتاب، ياسر منگي، علي اصغر ميمڻ، منور لاکير، برڪت علي لاکير، محمد عثمان بروهي، ديدار علي سومرو، خالد حسين ميراڻي، نثار احمد ٻٽ، هريش ڪمار، ۽ ٻين چيو ته مچ ڪچهري سنڌ جي صديون پراڻي ثقافتي ۽ فڪري روايت آهي، جيڪا محبت، امن، برداشت ۽ گڏيل سماجي شعور کي هٿي ڏئي ٿي. هنن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري انساني برابري، درد جي سڃاڻپ ۽ سچ سان وفاداريءَ جو درس ڏئي ٿي، جيڪو اڄ جي سماج لاءِ اڳ کان به وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. تقرير ڪندڙن محمد رمضان جوڻيجو کي سچ جي صحافت جو نمائندو قرار ڏيندي چيو ته هن پنهنجي قلم ذريعي هميشه مظلوم آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ صحافت کي ذاتي مفادن بدران سماجي ذميواريءَ سان جوڙي رکيو. مچ ڪچهري دوران سگهڙ روشن علي ڪوري، غلام رسول مڱريو ۽ علي گوهر خاصخيلي ڏٺ، پرولي، سينگار ۽ سگهڙ شاعريءَ جا مختلف اسم پڙهي محفل کي علمي ۽ ثقافتي رنگ ڏنو، جنهن تي حاضرين دل کولي داد ڏنو. جڏهن ته آخر ۾ استاد مبارڪ ۽ اصغر مڱڻهار پنهنجي سُرن سان محفل کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن تي موجود حاضرين جهمريون هنيون ۽ محفل روحاني سرور ۾ تبديل ٿي وئي.
0 تبصرے