English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن جي نيلامي جو سلسلو جاري, ٽرانسفارمر، ٿنڀا ۽ بجليءَ جو ٻيو سامان وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف
76 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٽرانسفارمر، تارون، پول ۽ ٻيو قيمتي سامان وڪرو ڪيو ويو آهي: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان اسٽيل مل بند هجڻ باوجود ان جي قيمتي اثاثن جي نيلامي ۽ وڪري جو سلسلو جاري هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. اسٽيل ٽائون واري علائقي ۾ بجليءَ سان لاڳاپيل ڪروڙين رپين جو سامان وڪرو ٿيڻ بعد پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي وئي.ذريعن موجب اسٽيل مل جي ملڪيت ۾ شامل بجليءَ جا ٽرانسفارمر، تارون، پول ۽ ٻيو قيمتي سامان وڪرو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب هي سامان گلشن حديد واري علائقي مان لاٿل آهي، جنهن کي ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي.اسٽيل مل انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجليءَ جو سامان باقاعده ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي ۽ سامان جي حوالي ڪرڻ جو عمل اسٽيل مل آفيسرن جي موجودگي ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي. انتظاميا موجب وڪري جو سمورو عمل قانوني طريقي سان ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي پورهيت يونين اڳواڻ ڌڻي بخش سمون اسٽيل مل جي اثاثن جي وڪري تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن کي وڪرو ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي اسٽيل مل مان ڪروڙين رپين جو سامان چوري ٿي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي لڪ ڇپ ۾ اثاثا وڪرو ڪيا پيا وڃن، جيڪو ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل انتظاميا کان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. پوليس موجب جيڪڏهن سامان قانوني طريقي سان ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي ته ان عمل جي به مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي کي ظاهر ڪري سگهجي.واقعي بعد پورهيتن ۽ شهري حلقن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، جڏهن ته اسٽيل مل جي اثاثن جي تحفظ ۽ شفافيت بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن
0 تبصرے