English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27ھين ترميم ذريعي جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول سپروميسي کي ختم ڪيو ويندو: اياز لطيف پليجو
203 views
|
07th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم خلاف اڄ ٿاڻي بولا خان ۾ سنڌ مارچ ٿيندو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي امڪاني حملي، ڪارپوريٽ فارمنگ ،پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات خلاف سڀاڻي (اڄ) ٿاڻو بولا خان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي محبت سنڌ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 27ھين ترميم جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول سپروميسي کي ختم ڪيو ويندو. لوڪل باڊيز کي وفاقي حوالي ڪري نئون ون يونٽ قائم ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جمھوريت جي پٺ ۾ خنجر ھڻي رھي آھي. سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا وڪڻي بلاول کي ايندڙ وزيراعظم بنايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عدالتن جا اختيار کسيندڙ 26ترميم کانپوء 27ھين ترميم سنڌ ۽ ملڪ تي قاتلاڻو حملو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري آخري حد تائين وڃي سگھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ناڻي ورڇ وسيلن جي بنياد تي ڪرڻ گھرجي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن پر آبادي جي بنياد تي ناڻي ورڇ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جي دولت تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جي آھي. سنڌ جي زمين ۾ پوريل خزانہ تيل، گئس، پيٽرول، ڪوئلو سڀ سنڌ جا آھن اسين مالڪ آهيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا بہ دلچسپي ۽ محبت ناهي. هي سوداگر آهن. ھنن کي صرف اقتدار کپي. سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ پاران
سنڌ مارچ ٿيندو
0 تبصرے