English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف مزاحمتي تحريڪ جو اعلان
278 views
|
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27ھين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي سازش آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ 27 ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف سڄي سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان، دانشور قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ 8 نومبر تي ڄامشورو ضلعي جي شھر ٿاڻو بولاخان ۾، 18 نومبر تي قمبر شھدادڪوٽ جي شھر وارھ ۾ ۽ 22 نومبر تي ننگر پارڪر ۾ ھزارين ماڻھن جون ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي پارٽي اڳواڻن سان ڳالھائيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ 27ھين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي سازش آهي ۽ ستاويهين آئيني ترميم سنڌ خلاف جنرل ايوب، جنرل يحیٰ، آمر ضياء ۽ جنرل پرويز مشرف جي ياد تازہ ڪرڻ جي سازش آھي پر سنڌ جنرل ۽ آمرن جي دورن کان وڌيڪ متحد ۽ منظم ٿي مزاحمت ڪندي. سنڌ دشمن فيصلن ۾ ن ليگ سان گڏ حصيدار ۽ ڀاڱي ڀائيوار آهي پيپلز پارٽي جي سوداگر تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جا ڪرپٽ ايم پي اي، ايم اين اي ۽ چيئرمين چوندا آهن تہ اسان وڏي اڪثريت سان تڪ کٽيون ٿا. مينڊيٽ آهي. ھن وقت 27ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو پيو وڃي، تڏهن اھي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن. 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جو سودو پيا ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جڏهن سنڌ جو سودو ٿئي ٿو تڏهن توھان جن عوام دوست، سنڌ ۽ وطن دوست پارٽين کي مھڻا ڏيندا آھيون تہ اوھان اليڪشن ۾ ھڪڙي ايم پي اي جي سيٽ بہ نٿا کٽي سگھو، اڄ اھي ميدان ۾ بيٺا آھن ۽ جن کربين روپيا ڪمايا اھي ٺڳ سنڌ جي سوديبازي ۾ ملوث آهن ۽ جيڪي ڪرپشن جا پٽ آهن اھي گم آھن، جيڪي سنڌ جا پٽ ۽ ڌيئرون آھن، اھي پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ بيٺا آهن. جيڪي ڪرپشن ذريعي جن جي ٻانهن ۾ لکين رپين جا سونا چوڙا ۽ ڪروڙين رپين جون گاڏيون آهن، اھي ارب پتي، کرب پتي ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر عورتون گھرن ۾ لڪي ويون آهن. ھي مسڪين، غريب، پيرين اگھاڙيون عورتون ۽ غربت ۾ پنهنجي ٻارن کي پالي وڏو ڪندڙ پنهنجي ٻچن مٿان ڇانوَ ٿيندڙ غريبن جون نياڻيون سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ رستن تي آھن ۽ ارب پتين جون ڌيئرون گھرن ۾ لڪي ويٺيون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ آصف علي زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاء 27ھين ترميم ذريعي سنڌ جو سودو پيا ڪن. سنڌي عوام پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي سالميت کي بچائڻ لاءِ پرامن جدوجهد لاءِ اٿي کڙو ٿي. 27 ھين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي مليل محدود خودمختياري ۽ وسيلا واپس اسلام آباد جي حوالي ڪرڻ وارو ڪم ڪندي. 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو تہ پوءِ سنڌ ۾ ذاتين، پارٽين ۽ جھنڊن جو فرق ڪون ھوندو. سنڌ ھزارين سالن اسان جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي. جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضياء جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مزاحمتي تحريڪ جو اعلان
قومي عوامي تحريڪ پاران
ريڪ پاران 27 ترميم ذريعي
0 تبصرے