عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي استادن ۽ ملازمن کي گذريل چار مهينن کان پگهارون نه مليون استاد ۽ ملازم، شاگرد، سراپا احتجاج فوري طور پگهارون جاري ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي استادن ۽ ملازمن محمد سليم چانگ، ڊاڪٽر شعيب هڪڙو، اسلم پيرزادو، رحمت ﷲ ڪنڀار، گل حسن مڱريو،ذولفقار مري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تين تلوار چوڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پگهارون ڏيو پگهارون ڏيو جا نعرا هنيا ويا احتجاج دوران استادن دانھيندي چيو ته ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي جي انتظاميه غيرسنجيدگي جا ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا گذريل چار مهينن کان ڪئمپس جي استادن ۽ ملازمن جون پگهارون نه مليون آهن پگهارون نه ملڻ ڪري استاد ۽ ملازم فاقاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انهن جا ٻچا لنگهڻ پيٽ ويٺا آهن ملازمن ۽ استادن پگهارون نه ٿيڻ ڪري ڪلاس بند آهن ۽ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿئي رهي آهي ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي ھنن چيو ته ڪئمپس جا استاد ۽ ملازم گذريل ٻن مھينن کان مسلسل احتجاج تي آهن ملازمن جي احتجاج جي باوجود ٽنڊوڄام جي انتظاميه، ايڇ اي سي، سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي چُري اڄ اسان مجبور ٿي عمرڪوٽ پريس ڪلب تي پهتا آهيون ڪئمپس جي وجود جو سوال آهي جيڪڏهن پگهارون جاري نه ڪيون وينديون ته مجبورن ڪئمپس کي استاد ۽ ملازم تالا لڳائيندا جنهن سان عمرڪوٽ ضلعي جي شاگردن تعليم جو وڏو نقصان ٿيندو ايڇ اي سي، سي ايم سنڌ، منسٽر آف ايگريڪلچر، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ ،ايم پي اي سيد امير علي شاھ ،ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ايم اين اي ميڊم صبا ٽالپر، عمرڪوٽ جي سيول سوسائٽي ۽ ٻين اعلي عملدارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي استادن ۽ ملازمن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪئمپس کي تالا هڻي سخت تحريڪ هلائينداسين
0 تبصرے