سي آءِ اي پوليس سان جهيڙو ڪري جوابدار کي زوري ڇڏائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سي آءِ اي پوليس جي ٽيم سان جهيڙو ڪري گرفتار ٿيل جوابدار کي زوري ڇڏائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڇهه ڀائرن سميت 10 ڄڻا معلوم ۽ 15 نامعلوم جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس ٽي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن سي آءِ اي پوليس ٽيم راجا رستي اسٽاپ تي امجد پلي جي ڪيبن تي ڇاپو هڻي کيس نشي آور پڙين سفينا جا 10 پيڪٽ هٿ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو هو، پوليس جي ڪارروائي کان پوءِ علائقي جا ڪيترائي ماڻهون گڏ ٿي ويا ۽ پوليس موبائيل مان امجد پلي کي زوري آزاد ڪرائي پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪيو، جڏهن ته پوليس کي گارگند پڻ ڪئي وئي، واقعي جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ ان جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا، ان بعد سي آءِ اي پوليس عملدار قطب آريسر جي فرياد تي صوفي فقير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس سان جهيڙو ڪرڻ، گرفتار جوابدار کي آزاد ڪرائڻ ۽ منشيات رکڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلع عمرڪوٽ جو پريس سيڪريٽري غلام مجتبي پلي، امجد پلي، عابد پلي، آصف پلي، ذوالفقار پلي، سليم قريشي، مڪيش ميگهواڙ، جاويد رونجهو، ۽ انور پلي سميت 10 ڄڻا معلوم ۽ 15 نامعلوم جوابدار شامل ڪيا ويا آهن، پوليس ڪارروائي ڪندي عابد پلي، راشد راڄڙ سميت ٽي جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون نڪري پيون آهن، انچارج سي آءِ اي پوليس موجب جوابدار قانون جي گرفت کان نه بچندا، پوليس تي حملو ۽ جوابدار ڇڏائڻ جهڙا عمل برداشت نه ڪيا ويندا.
0 تبصرے