English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ انسٽيٽيوٽ مينيجمينٽ ڪاميٽي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ پاران تقريب منعقد
views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تربيت جو هجڻ ضروري آهي، جنهن سان روزگار حاصل ڪرڻ آسان ٿي پوندو: راڻا ھمير سنگھ سوڍو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ انسٽيٽيوٽ مينيجمينٽ ڪاميٽي (IMC) گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ عمرڪوٽ (GMI) جي زيرِ اهتمام سماجي تنظيم ٿرڊيب رورل ڊيولپمينٽ پروگرام (TRDP) جا ٽريننگ ڪورس مڪمل ڪندڙ عورتن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي هڪ پروقار تقريب لوھاڻا ڪميونٽي ھال عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪئي وئي۔ ان موقعي تي تقريب ۾ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ۽ ڍاٽ جو راڻو راڻا ھمير سنگھ سوڍو، وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ۽ چيئرمين انسٽيٽيوٽ مينيجمينٽ ڪاميٽي (GMI) عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص چندر پرڪاش، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، پي ايس ٽو رانا ھمير سنگھ سوڍو ڪنول موھن لال، 1122 جو ڊويزنل مينيجر ميرپورخاص بنسي لال مالھي، وائيس پرنسپل گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ عمرڪوٽ ارجن ڪمار اوڏ سماجي تنظيمن جا نمائندا ڪنيا موھن لال، امتياز کوسو، جبار کنڀر، شيورام سوٽھڙ، عيدل جماني، عالمگير بلال، ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ڪائونسلر شوڪت اديوپوري، معزز شهري، مختلف کاتن جا آفيسر، سماجي تنظيمن جا نمائندا، انسٽيٽيوٽ جا استاد، شاگرد، شاگرديون ۽ عورتون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ۽ ڍاٽ جو راڻو راڻا ھمير سنگھ سوڍو چيو تہ تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تربيت جو هجڻ تمام ضروري آهي، جنهن سان روزگار حاصل ڪرڻ آسان ٿي پوندو۔ هن چيو تہ مون هميشہ اهڙن ادارن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ اهڙن پسمانده علائقن ۾ ٽيڪنيڪي ٽريننگز جو اهتمام ڪرڻ گهرجي۔ وڌيڪ چيو تہ تربيت حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ عورتن کي مستقل روزگار لاءِ سنڌ حڪومت کان مدد ڏني ويندي۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي ستيو چيو تہ جيڪي ملڪ ترقي يافتہ آهن، سي اسڪل ڊيولپمينٽ ذريعي بيروزگاري جو خاتمو ڪن ٿا، پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ روزگار جا موقعا گهٽ آهن ۽ 71 بلين جي کوٽ آهي، تنهنڪري وقت جي اهم ضرورت آهي تہ اسان ووڪيشنل ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ ذريعي پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪريون ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪريون۔ ھن سول سوسائٽي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو تہ جيئن گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ عمرڪوٽ ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، اهو عمل جاري رکيو وڃي تہ جيئن اسان جي نوجوان نسل کي مختلف شعبن ۾ روزگار جا موقعا ملي سگهن۔ ان موقعي تي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص چندر پرڪاش، بنسي مالھي ۽ ٻين مقررِين پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ سماجي تنظيم TRDP جي تحت نوجوانن کي فني مهارت سيکارڻ هڪ قابلِ تعريف قدم آهي، جنهن سان نہ رڳو انهن جا روزگار جا موقعا وڌندا پر معاشي استحڪام ۾ بہ مدد ملندي۔ ھنن چيو تہ صوبائي حڪومت ۽ TRDP جهڙا ادارا جيڪي ديهي علائقن جي نوجوانن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ مثبت قدم آهي۔ ان موقعي تي مقررِين تربيت مڪمل ڪندڙ شاگرد ۽ عورتن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي تہ اهي نوجوان پنهنجي فني مهارتن کي بروءِ ڪار آڻي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي مستقبل کي سنواريندا۔ آخر ۾ تربيت حاصل ڪندڙ عورتن پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ بہ ورهايا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ضلعي نوشھرو فيروز ۾ امن وامان جي صورتحال ..!!
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون تياريون ۽ جوش و خروش..!!
30th Oct 2025
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے جنوبی پنجاب کو خصوصی اختیارات دے دیے، علاقائی ترقی و سہولت کے نئے دور کا آغاز
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کھڙا ۾ غريب مسڪين مستحق ماڻهن ۾ زڪوات جا امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جنگشاهي ۾ اسڪول جي نئين عمارت جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
راڻا ھمير سنگھ سوڍو
عمرڪوٽ ۾ انسٽيٽيوٽ مينيجمينٽ ڪاميٽ
0 تبصرے