ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي گھر ۾ ڌاڙو هڻندڙن جي ڳولا جاري آهي: ضياءَ لنجار

شھيد بينظير ڀٽو ڪاليج نوشهروفيروز ۾ سنڌ پروگريسيو لائرز فورم جي اميدوارن جي اعزاز ۾ تقريب

ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي گھر ۾ ڌاڙو هڻندڙن جي ڳولا جاري آهي: ضياءَ لنجار

نوشهروفيروز (ڊ ر)شھيد بينظير ڀٽو ڪاليج نوشهروفيروز ۾ سنڌ پروگريسيو لائرز فورم جي اميدوارن جي اعزاز ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ ھي پروگرام ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ شوڪت علي ڀيو ۽ سندس ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو تقريب ۾ خاص مهمان طور ايڊووڪيٽ ضياءُ الحسن لنجار سميت فورم جا اميدوار شامل هئا، جن ۾ ايڊووڪيٽ عبد الستار لهراڻي، ايڊووڪيٽ ياسر عرفات شر، ايڊووڪيٽ قربان علي ملانو، ايڊووڪيٽ شفقت رحيم ۽ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مھر شامل هئا پروگرام دوران ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جي وڪيلن سنڌ پروگريسيو لائرز فورم جي اميدوارن جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو تقريب ۾ سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز جي صدر سھيل اختر عباسي، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر، ايڊووڪيٽ ياسين احمد چانڊيو، اشفاق احمد تگر ۽ ايڊووڪيٽ اياز علي مري شامل هئا۔وڌيڪ ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي گھر ۾ لڳل ڌاڙي تي صحافين جي سوال ڪرڻ ري چيو ته ايم جي گھر ۾ ڌاڙي جي ڳولا جاري آھي ايس ايس پي ڳولا ڪري پيو ھن ڏوھ ۾ وڏو گروھ شامل آھي انھن ڏوھارصن کي جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو ۔