ضلعي نوشھرو فيروز ۾ امن وامان جي صورتحال ..!!

سيد جاني شاھ

ضلعي نوشھرو فيروز ۾ امن وامان جي صورتحال ..!!

نوشھرو فيروز ضلعو پنجن تعلقن تي مشتمل آھي ڪل آبادي 18 لکن کان مٿي آھي ۽ سنڌ جو سنٽرل ضلعو آھي ھي ضلعو خيرپور نواب شاھ دادو جامشورو لاڙڪاڻو کي لڳي ٿو ، سنڌو دريا به چيئن تعلقن جي مٿان ويھي ٿو دريا جي ٻنھنن ڪپن تي ڪچو پڻ ڪافي آھي ، جنھن ۾ اڪثر ٻين ضلعن جا ڏوھاري ماڻھن ڪچي ۾ رھن ٿا جنھن جي ڪري ضلعي جي امن وامان جي صورتحال اڪثر ڪري بدامني جي ورچڙھيل ھوندي آھي ضلعي ۾ اغوائن جون وارداتون تي گھٽ بلڪي نه جي برابر آھن بدامني ۽ منشيات فروش ، جوا اڏن ۽ وياج جي شرء ٻين ضلعي کان ٿورڙي زياده رھي آھي انھي ڪري ھتي ايس ايس پين جي بدلي ايس ايڇ اوز وانگر ٿيندي رھندي آھي وڏي ڳالھ تي اھيا آھي ته صوبي جو ھوم منسٽر ضيا الحسن لنجار به ضلعي نوشھرو فيروز جو آھي جيڪو ڪافي ڪوششون ڪري رھيو آھي ته ضلعي ۾ امن برقرار رکجي سگھجي ، نوشھرو فيروز امن وامان جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ بھتر سڏيو ويندو ھو ، صوبائي گھرو وزير ضياء الحسن لنجار جي سياست ۾ اچڻ کان پوء ضلعي جا ڪجھ وڏيرا گم ٿي ويا ته ڪي واري نالي تائين محدود ٿي ويا صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار پنھنجي سياسي حڪمت عملي سبب ضلعي جا ٽوٽل ننڊا وڏا وڏيرا پاڻ سان گڏ کڻي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرايا آھن ، امن واري ضلعي کي ثارگيٽ ڪري بدامني فھلائي پئي وڃي ناخوشگوار واقعيا ڪرائي امن وامان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ناڪم ڪوشش ٿي پئي ، ھتي برادري يان قبيلائي جھيڙا به برابر آھن تازو لاکا روڊ ۾ ڏاھري برادري جي جيھڙي ۾ ٽن ماڻھن جون زندگيون ختم ڪيون ويون ان تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاء لاکا روڊ واسي امن جي فزا کي قائم رکڻ لاء ميڙ مينٿ قافلو به ڌرين ڏي وٺي ويا ڌرين قافلي کي مان ڏيندي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاء ڳالھين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي ، ڪجھ ٽائيم اڳ مورو ۾ ھڪ وڏي سازش تحت سانحو ڪرايو ويو ھو جنھن ۾ ٻن قومي ڪارڪنن کي پوليس ھٿان قتل ڪرايو ويو ته ٻئي پاسي صوبائي گھرو وزير ضيا الحسن لنجار جي گھر کي باه ڌياري وئي جنھن جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر گھرو وزير جو گھر مڪمل سڙي ويو ھو ان وقعي جي جانچ کان بغير مورو سانحي جي ايف آء آر به لغاري برادري جي ماڻھن تي ڪٽي وئي ھئي واقعي کان پوء ضلعي جو ايس ايس پي سگھار ملڪ بدلي ٿي ويو وري ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي مقرري به عارضي رھي ان جي ٽائيم جي منشيات جي خلاف ھڪ ڪارائتي ڪاروئي ڪئي پر ضلعي ۾ گھڻو ٽائيم ھلي نه سگھيو ايس ايس پي مير روحل خان کوسي جي اچڻ شرط ضلعي ۾ ھن جيڪا محنت ڪئي ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي وڏي بھادري سان رات جو جاڳي ھر ٿاڻن ۽ چونڪين جي مانيٽرنگ ڪري ڏوھاري ذھنيت جي ماڻھن کي ضلعي مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ھن وقت ته ضلعي ۾ امن و امان جي صوتحال تي ڪافي بھتر آھي پر وري مورو ۾ ھڪ سازش تحت پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارٽي جي ايم اين اي رئيس ذوالفقار علي بھڻ جي گھر ۾ نامعلوم ھٿياربند ڌاڙو ٿا ھڻن بقول بھڻ فيملي جي ته عورتن جا زيور به لاٿا ڪيا ۽ بيخوف ڌاڙيلن پنھنجي ڪاروائي ڪئي ، ھي واقعي به ان وقت ٿو ٿئي جڏھن ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال تمام بھرين آھي ايس ايس پي مير روحل خان کوسو وڏي محنت ڪري ضلعي ۾ امن جي فزا کي برقرار رکيو آھي بدنامي زمانه ڏوھاري ڏوھ ڇڏي ڪري پوليس وٽ سيلنڊر ٿي رھيا ھئا روڊ رستا به عام ماڻھن لاء محفوظ ٿي ويا ، پوليس ضلعي مان منشيات کي ختم ڪرائڻ لاء ڀرپور ڪاروايون ڪري رھي آھي نتيجو اھيو ملي رھيو ته ضلعي ۾ موت وارو نشو آئيس جا موالي ايس پي آفيس پھچي اعلاج لاء ايس ايس پي مير روحل خان کوسو کي گذارشون ڪري رھيا آھن ته اسان نشي کان نجات ڌياري وڃي ، ھن وقت ايس پي آفيس عام شھرين جي توجھ جو مرڪز بڻيل آھي ، پر اچانڪ ئي ايم اين اي جي گھر ۾ ڌاڙو ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي ھي واقعيو ھڪ ته ٽارگيٽ ڪري ڪيو ويو آھي اھيا واردات بلڪل وڏن شھرن وانگر ٿي آھي پھريان تي ھٿياربندن ڌاڙيلن نيشنل ھاء وي جو فائدو ورتو آھي ڌاڙيلن پھريان ھائوس تان ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جي ويگو گاڏي به ڪاھي ويا جيڪا اڳتي ھلي ڇڏي ويا ، ڌاڙو وڏي سوچيل سمجھيل سازش تحت لڳو آھي ، واقعي مان لڳي ٿو ته ھٿياربندن ٻاھريان لڳن ٿا جيڪي پاڪستان جي شھري آبادي جن ۾ ڪراچي اسلام آباد لاھوري ڪوئٽيه پشارو ۾ طالبان گنگ يان اھڙي طرح جون گنگون وارداتون ڪن ٿيون جيڪي پنھنجون ٽارگيٽ پورو ڪري وقتي طور گم ٿي وڃن ٿيون ، نوشھرو فيروز ۾ پھريان به ان ريت جو ھڪ واقعيو ٿيو ھو تڏھن جي صوبائي صلاح ڪار سردار مولا بخش مبيجو جي گھر ۾ ھٿياربندن ھن ئي انداز سان واردات ڪئي ان واقعي جو ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو ان وقت جي ضلعي امن وامان جي صورتحال ڪافي خراب ھئي پر ھن وقت ضلعي جي صورتحال ڪافي بھتر آ ، بھترين پوليس آفيسر مير روحل خان کوسو ايماندار ۽ سٺو پوليس آفيسر آھي ڏوهارين خلاف قانون کي حرڪت ۾ آڻي قانوني ڪارروايون ڪري رھيو آھي ڏوهارين ۽ پاٿاريدار هڪ منصوبي ۽ سازش تحت وڏيون وڏيون وارداتون ڪري ايماندار ۽ بھترين پوليس آفيسر مير روحل خان کوسو کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جيئن ان جي بدلي ٿي وڃي ۽ پوء اهي ڏوهاري سرعام عوام کان روڊن رستن گھرن ۽ بازارن ۾ وارڌاتون ڪن ، ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل کوسو نوشهروفيروز جي ايس ايس پين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عوامي تعاون ڪندڙ ايس پي مليو آهي ، مير روحل خان کوسو جيڪو ھر وقت آفيس ۾ موجود رھي ٿو سالن کان وڏيرن جي پرچي سسٽم کي ختم ڪري ھڪ عوامي آفيسر ثابت ٿيو غريبن بيوس لاچار ماڻھن کي عزت احترام سان پيش اچي ٿو انھن جا مسئلا حل ڪري رھيو آھي جيڪي ڪم چونڊيل نمائندن کي ڪرڻ گھرجي اھو ڪم ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ڪري رھيو آھي مير صاحب جي اچڻ شرط عوامي رابطه مهم سان قانون کي حرڪت ۾ آڻي ڏوهارين وياجن منشيات فروشن ۽ پاٿاريدارن خلاف سخت ڪارروايون ڪري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ وڏي ڪاميابي سان پاڻ پتوڙي رھيو آھي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي ماڻي آهي پر تازو ڌيرڻ مورو واقعيو پ پ پ ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي گهر مان ڌاڙو ڳالھ ذھن ۾ اچڻ لا۽ تيار نه آھي اھڙو عمل مذمت جوڳو آھي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي ايترو گهٽ آھي بھڻ فيملي هڪ عزتدار شريف فيملي رھي آھي وري وڏي ڳالھ ته حڪومتي ڌر جي ايم اين اي سان ايڏي وڏي ناجائزي تمام ڏکوئيندڙ لمحو ۽ انتهائي خراب عمل آهي جڏھن ٽن ڏينھن گذرڻ کان پوء واقعي جو درس ٿاڻي جي حد ۾ ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جي گھر کي لڳل ڌاڙي جو ڪيس درس ٿاڻي تي بھڻ ھائوس جا مئنيجر ڌڻي بخش ولد خير محمد بھڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ، ڪيس ۾ 10 نامعلوم ھٿياربندن کي شامل ڪيو ويو آھي ۽ جوابدارن جي ھٿن ۾ ڪلاشنڪوف ، پسٽل ۽ لوھي سريو ڏيکاريو ويو آھي ، ھن واقعي کي ضلعي جو عوام سمجھي ٿو ته ڏوهارين ۽ سندن ساٿارين جي ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو جي خلاف وڏي سوچيل سمجھيل سازش تحت گھرو وزير ضيا الحسن لنجار جي حلقي مان ايم اين اي جي گھر مان ڌاڙو لڳي ٿو ، واقعي کان پوء پ پ پ قيادت ڌيرڻ ھائوس پھچن ٿا ان وقت اين پي پي سربراه غلام مرتضئ خان جتوئي به ھمدردي لاء پھچي ٿو انھي مان صاف ظاھر ٿو ٿئي ته واقعي وڏو ٿو لڳي ۽ ان جا اثر ۽ رخ ٻئي پاسي ويندا ، ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جي سياسي مخالفن سان ويڙهائڻ جو منصوبو به سگھي ٿو جيئن ضلعي جو امن و امان خراب ڪري سگھجي ايس ايس مير روحل خان کوسو پنهنجي مڪمل صلاحيتن ۽ قانوني ذريعن ۽ وسيلن سان اصل ۽ حقيقي ڏوهارين کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاري ضلعي جو عوام به ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو کان اميد رکي ٿو ته ضلعي جون سڀ برائيون ختم ڪرائي عوام کي سک سان ساھ کڻائي جھڙي پوليس ضلعي محنت ڪري رھي آھي چاھي منشيات جوا ۽ سماجي برائين خلاف جھاد ڪري رھي آھي ان جو ڪريڊيٽ مير روحل خان کوسي ڏي وڃي ٿو