English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ماڻهن وٽ پر امن جدوجھد کان سواءِ ٻيو رستو ناهي: اياز لطيف پليجو
213 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرپشن، ڏوھن، ميريٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد جاري رهندي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سڀاڻي (اڄ) ٺٽو ۾ يوٿ ڪانفرنس ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻهن وٽ پر امن جدوجھد کان سواءِ ٻيو رستو ناهي، پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرپشن، ڏوھن، ميريٽ جي لتاڙ، زرعي فصلن جا گھٽ اگھ ملڻ، منشيات، افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪندي.اياز لطيف پليجي آهي تہ پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ آھن، سنڌ جو مڊل ۽ اپر ڪلاس رڳو فيسبڪ تي تبصرن لاء تيار آھي. جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي. پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونہ آھن، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي.ھن دور ۾ سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي سڄي سنڌ جي عوام کي پنھنجي سياسي پارٽين ۽ قيادتن سان گڏ بيھڻو پوندو. صرف سوشل ميڊيا تي ڌائڻ سان، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل ڪون ٿيندا. عارضي ۽ ايڊھاڪ واري سياست ڇڏي ڊگهي ۽ دائم واري سياست جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
0 تبصرے