پرائمري اسڪول رستم ناريجو جي عمارت کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهي آهي: ڳوٺاڻا
گمبٽ(زوھيب سمون) رستم ناريجو جي عوام جو چونڊيل نمائيندن ۽ تعليم وزير اعلي خلاف احتجاج، ڪنگري تعلقي جو گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو ھن اسڪول ۾ 400کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم آهن اسڪول جي بلڊنگ کنڊرات جو ڏيک ڏئي رھي آھي ھن بھوت بنگلي نما اسڪول جي بلڊنگ جي حالت ڏسي اکيون رت روئڻ ٿيون ھاڻي شاگردن ۽شاگردياڻين کان تعليم جو حق به کسيو پيو گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو ۾ ھڪ استاد آهي چار سئو ٻار ـ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻار زمين تي ويھي تعليم حاصل ڪن ٿا رستم ناريجو ۾ 50 شاگردياڻيون جتي ھڪ به ٽيچر نه آهي اسڪول ۾ پيئڻ جو نه مٺو پاڻي چارسئوٻار اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا اتي واشرو جي سھولت به نه آهي ڳوٺاڻن ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيا پر سنڌ حڪومت کي ڪن ۾ جوبه ڪونه ٿي چري گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو۾ تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي پر ڪوئي نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي ھڪ طرف سنڌ حڪومت تعليم تي نوان نوان تجربا ڪري رھي آھي استادن ۽ شاگردن لاءِ حاضري لاءِ جديد ايپ آڻي رھي آھي بلڊنگ کي ڏسي سنڌ حڪومت طرفان تعليم جي لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان اچي ويا آهن
0 تبصرے