English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀٽارو ۾ پ پ جي ضلعي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو
230 views
|
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ميگهواڙ برادري پاران ڪامريڊ نندلال ميگھوار ۽ ڪامريڊ اصغر ارباب سومرو کي آجياڻو ڏنو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀٽارو ۾ ميگهواڙ برادري پاران ڪامريڊ نندلال ميگھوار ۽ ڪامريڊ اصغر ارباب سومرو کي پيپلزپارٽي پارٽي جا ضلعي عھديدار چونڊجڻ تي مان آجياڻو منعقد ڪيو ويو. خبر موجب ڳوٺ ڀٽارو ۾ اشوڪ ڪمار ولد مولچند ميگهواڙ ۽ ڪامريڊ هرچند ميگهواڙ پاران ڪامريڊ نندلال ميگھواڙ کي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ ۽ ڪامريڊ اصغر ارباب سومرو کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جو عهدو ملڻ تي آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي جھنڊي جو ڪيڪ ڪاٽي ٻنھي اڳواڻن کي سنڌ جي ثقافت تحفي طور ڏني وئي. آجياڻي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو تھ پ پ هميشه پاڪستان جي عوام جي حقن جي حفاظت ڪئي آهي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن جي جائز مسئلن لاءِ جاکوڙي رهي آهي. پ پ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، ھزارين بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون، صحت جون سھولتون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ آھن .ھنن چيو تھ ملڪ جي خوشحالي جمهوريت ۾ آهي، عوام هميشه ڏکي وقت ۾ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي، ڪيترائي پ پ خلاف محاذ ٺهيا پر عوام جي طاقت سان ختم ٿي ويا.انھي موقعي تي تقريب ۾ گھنشام داس ميگهواڙ، ٺيڪيدار ريجھو مل ٻاروپاڙ، ڪامريڊ بيکو مل موتياڻي ميگهواڙ ٻيا موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀٽارو ۾ ميگهواڙ برادر
0 تبصرے