سنڌي ميڊيا پاران 7 ڊسمبر تي "ايڪتا ڏهاڙو" ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌي ميڊيا جي اڳواڻن 7 ڊسمبر تي "ايڪتا ڏهاڙو" وڏي قومي ۽ ثقافتي جوش سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

سنڌي ميڊيا پاران 7 ڊسمبر تي

ڪراچي ۾ سنڌي ٽي وي چينلز جي سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي ٽي اين نيوز جي سي اي او محمد اطهر قاضي، سنڌ ٽي وي جي ايم ڊي اجيت ڪمار، مهراڻ ٽي وي جي سي اي او غلام نبي مورائي، آواز ٽي وي جي سي اي او فيض بروهي ۽ ڌرتي ٽي وي جي سي اي او زوهيب زرداري شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ايڪتا ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب گڏيل طور ڪراچي پريس ڪلب آڏو منعقد ڪئي ويندي، جتي سنڌ جي رنگ، موسيقي، ۽ روايتن کي نمايان ڪيو ويندو۔ سنڌي ميڊيا جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي هزارين سالن پراڻي ثقافت دنيا ۾ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿي، ۽ ايڪتا ڏهاڙي جو مقصد سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ آهي۔ انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڏينهن سنڌ واسين جي وحدت، سڪون ۽ هم آهنگي جو علامتي اظهار هوندو۔