ملير: شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي ۾ وڪيلن ۽ پوليس ۾ تڪرار، ٿاڻي ٻاهران ڌرڻو

وڪيلن جو ايس ايڇ او تي تشدد جو الزام، ٿاڻي ۾ ڌرڻو، ڇڪتاڻ واري صورتحال

ملير: شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي ۾ وڪيلن ۽ پوليس ۾ تڪرار، ٿاڻي ٻاهران ڌرڻو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ۾ صورتحال ان وقت خراب ٿي ويئي جڏهن شاھ لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو۔ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او انهن جي ساٿي وڪيل جبار سھتو تي تشدد ڪيو جنهن خلاف وڏي انگ ۾ وڪيل ٿاڻي ٻاهران ۽ اندر گڏ ٿي ويا ۽ احتجاج ڪندي ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ذريعن موجب جهيڙو ان وقت شروع ٿيو جڏهن وڪيل جبار سھتو هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ٿاڻي آيو جتي سندس ۽ ايس ايڇ او وچ ۾ منهن ماري ٿي جيڪا جهيڙي ۾ بدلجي وئي۔ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او نه صرف تشدد ڪيو پر وڪيل جي توهين به ڪئي، جنهن بعد معاملو سنگين ٿي پيو۔واقعي جي اطلاع ملندي ئي ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان پوليس جون ڪيترائي موبائلون شاھ لطيف ٿاڻي تي پهچي ويون، جڏهن ته ٿاڻي جي اندر ۽ ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي۔ احتجاج ڪندڙ وڪيلن ايس ايڇ او جي آفيس ۾ مبينا ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ٿاڻي جي احاطي ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي۔وڪيلن جو موقف آهي ته جيستائين ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو۔ انهن چيو ته پوليس جو اهڙو رويو برداشت لائق ناهي ۽ هو پنهنجي ساٿي سان ٿيل زيادتي خلاف قانوني ۽ پرامن جدوجهد جاري رکندا۔خراب صورتحال سبب ايس پي ملير آصف آرائين واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ وڪيلن سان ڳالهيون ڪري صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ان دوران ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ به ٿاڻي پهچي وڪيلن سان ملاقات ڪئي ذريعن موجب پوليس آفيسرن ۽ بار جي عهديدارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن ته جيئن معاملو ڳالهين وسيلي حل ٿي سگهي۔ رات دير تائين وڪيلن جو ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته ايس ايڇ او پنهنجي آفيس ۾ محدود رهيو ٻئي طرف، ٿاڻي جي چوڌاري روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي به سخت تڪليف پيش آئي۔پوليس ذريعن موجب جاچ جاري آهي ۽ جلد حقيقتون عوام آڏو آنديون وينديون۔