جيجي زرينه بلوچ جي ويھين ورسي تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو اجتماع

حيدرآباد ۾ مادرِ سنڌ جيجي زرينه بلوچ جي ويھين ورسي ملهائي ويئي، جتي اياز لطيف پليجو ۽ ٻين اڳواڻن سندس قومي، ادبي ۽ سياسي خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔

جيجي زرينه بلوچ جي ويھين ورسي تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو اجتماع

حيدرآباد: سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي 20ھين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊاڪٽر مجدد قريشي، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، بابو ميمڻ،معشوق چانڊيو، آزاد ميرواهي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،نصرت خاصخيلي امير زاھدي برھماڻي، فضا ملاح، صبا سمون، رخسانه بھلڪاڻي سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ ڀرسان مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي جيجي زرينہ بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران قاسم آباد جي علائقي لنڊن ٽائون ڀرسان جيجي زرينہ بلوچ جي ويھين ورسي ملھائي وئي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ امان زرينہ بلوچ سراپا قرباني، سراپا درد، سراپا احتجاج ھئي. ھن پنھنجي حياتي، پنھنجو وقت، پنھنجو گھر، پنھنجو فن، پنھنجو ادب، پنھنجو اولاد، پنھنجا پئسا، پنھنجا ڪتاب، پنھنجا گيت، سڀ قوم کي ارپي ڇڏيا اياز لطيف پليجي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ جي اصل سڃاڻپ صرف ادب، فن، فيملي، ٽيچنگ، گيت، شاعري ۽ ڪتاب نہ بلڪ مزاحمت، مقابلا ۽ جدوجھد جا ميدان ھئي، جيجي زرينہ بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراھيم جويو سميت سنڌ جي اديبن، شاعرن، وڪيلن، استادن، ھارين، مزدورن، شاگردن، سنڌياڻين ۽ لکين عوام سان گڏجي ون يونٽ خلاف جلوسن جي قيادت ڪئي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪالاباغ ڊيم، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، دھشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نہ ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن. مھذب سماجن ۾ عورتن کي برابري واري حق حاصل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مسئلن ۽ مصيبتن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، پوء اھو مسئلو غربت جو ھجي، مھانگائي جو ھجي، ڪرپشن، بيروزگاري، تعليم جي تباھي، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند يا اڻ برابري ۽ جھالت جو ھجي. تعليم سڀني مسئلن جو حل آھي۔ عورت ۽ ٻارن کي عزت ۽ حيثيت، برابري واري حق سان اڳتي وڌيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتن جي آزادي ۽ انھن کي تعليم ۽ بنيادي حق ڏيڻ جا مخالف مدي خارج ۽ فرسوده سوچ رکندڙ آھن۔ اھي ذھني طور اڄ بہ پٿر جي دور ۾ رھن ٿا. سنڌ ۾ عورت انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي۔ حڪومت نياڻين جي تعليم لاء ڪجھ ناھي ڪيو۔ روزانو نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون، قتل ۽ تشدد جا واقعا ٿين ٿا۔ پر ذميوارن کي بہ ڪا بہ سزا نٿي ملي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ پنهنجي گيتن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو، قومي ڪاز ۾ ھُوءَ ھميشہ اڳڀري رهي. جيجي زرينہ بلوچ ضياءَ جي مارشلا دور ۾ سختيُون برداشت ڪيون ، لانگ مارچن کان ويندي سنڌ جي بقا لاء ٿيندڙ احتجاجن مظاھرن ۾ اڳيان اڳيان رھي، سنڌياڻي تحريڪ جي قيادت ڪئي. نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ جيجي زرينہ قومي ۽ طبقاطي جدوجھد ۾ روح ڦوڪڻ سان گڏ سنڌي سھرن کي بہ نئون روپ ڏنو جيڪي اڄ تائين گونجن ٿا. اميرزادي برھماڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ جي وجُود سندس ڪاوشُن جو نتيجو آھي، ھُوءَ ھڪئي وقت استاد بہ ھئي، قومي فنڪاره، اديب ، ليکڪا بہ ھئي، جيجي ھميشہ لاء امُر ٿي وئي ۽ سندس يادُون ھميشہ ياد رهنديُون. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ جيجي زرينه بلوچ پنھنجو تسلسل اياز لطيف پليجو جي روپ ۾ ڏئي وئي آھي، جيڪو جيجي زرينہ جو لخت جگر آھي ۽ سنڌي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ رڌل آھي