English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
69 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ھيرانند گنگا ٻائي اسپتال کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو ۽ ٻيا شريڪ
شڪارپور(احسان ابڙو)ضلعي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ھيرانند گنگا ٻائي اسپتال کان پريس ڪلب شڪارپور تائين جاڳرتا ريلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، صحت کاتي جا ضلعي عملدار، پوليو فوڪل پرسن، نيشنل پروگرام جا عملدار، سوشل ويلفيئر آفيسرز، سرسو، ۽ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. پريس ڪلب شڪارپور ۾ ريلي جي اختتام وقت صحافين سان ڳالهائيندي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارين ٿا، جنهن لاء ضلعي انتظاميه کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي. پوليو جي خاتمي جي مهم کي اجاگر ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن جو ڦيلاء کي پوليو جي ڦڙن ذريعي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي پوليو جا 2 ڦڙا ضرور پيياريو جئين هو سڄي زندگي جي معذوري کان بچي سگهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ٻڌايو ته 17 نومبر کان ارڙي جي مهم شروع ٿي رهي آهي، ان دوران اوهان جي علائقي ۾ صحت کاتي جون ٽيمون اينديون ۽ پنهنجي 6 مهينن کان 5 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي ارڙي جي بچاءُ واري ويڪسين لڳرايو ۽ ٽيمن سان تعاون ڪريو ڇو ته ارڙي هڪ وچرندڙ بيماري آهي اسان ۽ توهان کي صحتمند معاشرو بڻائڻو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙ
0 تبصرے