عمرڪوٽ: ضلعي ڪائونس جي اجلاس ۾ افغانين جي نيڪالي واري مطالبي جو پڙاڏو

اجلاس چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت ۾ ٿيو، ميمبرن پاران عمرڪوٽ ۾ رهندڙ افغانين جي نيڪالي جو مطالبو

عمرڪوٽ: ضلعي ڪائونس جي اجلاس ۾ افغانين جي نيڪالي واري مطالبي جو پڙاڏو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو هڪ اهم اجلاس چيئرمين ضلعي ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ضلعي ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وائس چيئرمين ميان خالد ولهاري، ڪائونسل ميمبرن، مختلف کاتن جا عملدار ۽ ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس جي باقاعدي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ضلعو عمرڪوٽ جي سال 2025-26ع جي ترقياتي معاملن، بجيٽ ۽ مختلف اسڪيمَن تي تفصيلي بحث مباحثو ڪيو ويو ۽ ميمبرن طرفان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعو عمرڪوٽ جي تعمير ۽ ترقي سندس پهرين ترجيح آهي. سڀ ترقياتي منصوبا عوامي مفاد مطابق شفافيت سان مڪمل ڪيا ويندا، ان موقعي تي مختلف تجويزن تي غور ڪري منظوري ڏني ويئي، جنهن تحت نئين مالي سال 2025-26ع لاءِ ضلعي ۾ نيون ترقياتي اسڪيمون منظور ڪيون ويون ۽ گذريل سالن جون اڌوري اسڪيمون ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي ويئي، اجلاس ۾ ضلع جي روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ بحالي لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ جي منظوري به ڏني ويئي، ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي بهتري ۽ نين عمارتن جي تعمير بابت تجويزون پيش ڪيون، ان موقعي تي بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ صفائي سٿرائي جي نظام ۾ وڌيڪ سڌارن لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون، اجلاس جي پڄاڻي تي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي سڀني ميمبرن ۽ آفيسرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ضلعي ترقي سڀني جي گڏيل تعاون سان ممڪن آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ترقياتي منصوبن ۾ پنهنجو حصو وٺن ته جيئن عمرڪوٽ هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ضلع بڻجي سگهي، ان موقعي تي چيئرمين چيو ته نجي اسڪولن ۾ شاگردن کي سرڪاري پاليسي تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم ڏني وڃي ۽ ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي ميمبر حيمن ڀيل طرفان رحميداني ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي فنڊ فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ويئي، ان موقعي تي ٻين ميمبرن صحت، زراعت ۽ ٻين مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران، چيف ضلعي ڪائونسل آفيسر عمرڪوٽ امتياز هاليپوٽو، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، چيئرمين مينيجمينٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ ڪامريڊ رسول بخش رحيمداني ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صحافين پڻ شرڪت ڪئي.