English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد ڪن: اياز لطيف پليجو
66 views
|
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ ڳڙهي خيرو ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويندو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارو ڪاري ۽ بدامني لاقانونيت خلاف سڀاڻي (اڄ) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري جلسي عام ڪيو ويندو قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسلين، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن۔ سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. پ پ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. قومي وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪئي پئي وڃي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪندڙن کي وزيرن جي سرپرستي حاصل آھي. سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپٽ مافياز جو قبضو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻي پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جو ھاري، مزدور، استاد، شاگرد، نوجوان، عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نہ ملندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم صحت پاڻي، ڊرينيج، کنڊر روڊ، برباد ڪيل زراعت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي نظر نٿي اچي. سنڌ جي ٽيڪس مان ملڪ ھلي ٿو پر سنڌ جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. وفاق حڪومت جي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڇو پاليسي ناھي. ڇو سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنجڻ ڏنو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي سنڌ جو عوام نہ سنڌ جا وسيلا گھرجن. روزانو انھن وسيلن تي قبضن ۽ ڌاڙن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ آھي. سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکن ٿا، اھي ٿڌا آھن تہ ٿڌا آھن، جيڪڏھن گرم ٿيندا ۽ وڄ ٿي اٿندا تہ تخت لوڏي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيون آھن. سنڌ جو عوام پنھنجي ڌرتي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش برداشت نہ ڪندو ۽ نئون اسرائيل بنجڻ نہ ڏينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے