ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ميمن گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان هڪ نامعلوم شخص جي لاش مليو آهي۔ علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ٻاهر ڪڍي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو۔پوليس موجب لاش تقريباً 50 ورهين جي شخص جي آهي، جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهِي آهي۔ ابتدائي اطلاع مطابق لاش ڪجهه وقت کان ندي ۾ موجود هو، جڏهنتائين موت جا سبب ۽ واقعا پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ ئي سامهون ايندا۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته صبح سوير پاڻي ۾ هڪ لاش ترندي ڏٺي وئي، جنهن بعد فوراً پوليس کي اطلاع ڏني وئي۔ پوليس واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺندي شواهد گڏ ڪيا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گمشدگيءَ بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته لاش تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا واضع نشان نظر نٿا اچن، پر ان جي باوجود هر رخ کان جاچ جاري آهي۔ پوليس پاران شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي لاپتا عزيز جي ڳولا ۾ آهي ته جناح اسپتال يا لاڳاپيل ٿاڻي سان رابطو ڪري۔
0 تبصرے