ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت

فوتي جي سڃاڻپ اياز پٽ ڪفايت طور ٿي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو

ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪورٽ ۾ اڏاوتي ڪم دوران ٽين منزل تي ڪم ڪندڙ مزدور هيٺ ڪري پيو ۽ موقع تي فوت ٿي ويو. اوچتو پيش آيل هن واقعي سبب باقي مزدورن ۽ عملدارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي حادثي بعد ريسڪيو ٽيمن فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل مزدور جي لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ فوتي مزدور جي سڃاڻپ اياز ولد ڪفايت خان طور ڪئي وئي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 45 سال ٻڌائي وڃي ٿي۔اتي موجود ٻين مزدورن جو چوڻ هو ته اياز ٽين منزل تي ڪم ۾ مصروف هو ته اوچتو سندس پير ترڪي ويو کيس شخت زخم رسيا ۔ حادثي وقت حفاظتي انتظامن جي غير موجودگي بابت ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي۔پوليس واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔