ورسيءَ جي تقريب جي صدارت آغا زاهد پٺاڻ ڪئي، اطهر آزاد مغل ۽ ٻيا شريڪ
شڪارپور (احسان ابڙو )سنڌي ادبي سنگت شڪارپور پاران شڪارپور جي عاشق خليل مورياڻيءَ جي ڇهين ورسي جگن ناٿ لائبرري شڪارپور ۾ ملهائي وئي. ورسيءَ جي تقريب جي صدارت آغا زاهد پٺاڻ ڪئي، جڏهن اظهر آزاد مغل، عابد نياز ميمڻ، ضياء شاهه ۽ فهد مورياڻي خاص مهمان طور شريڪ ٿيا. ورسيءَ جي تقريب جي ڪاروائي شاخ جي سيڪريٽري زبير سومري هلائي. پرگرام ۾ حسام ميمڻ، سلمان سومري، استاد سميع چني، انور سومري، خالد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر شريف شاد سومري، ۽ سجاد مهر پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. شاخ جي سيڪريٽري زبير سومري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سائين خليل مورياڻي شڪاپور شهر جي سڃاڻپ هو، ’ڪپڙو، ڪاٺ ۽ ڪتاب‘ سندس پسنديده شيون هيون، هو هر طبقي جي ماڻهن سان هميشه رابطي ۾ رهندو هو. شڪارپور تي شاندار تحقيقي ڪم ڪندڙ اديب حسام ميمڻ چيو ته سائين خليل شڪارپور سان بي انتها محبت ڪندو هو، سنڌي ادبي سنگت کي شهر جي ٻين جاکوڙي ڪردارن کي به ايئن ياد ڪرڻ گھرجي. شڪارپور جي نامياري چترڪار استاد سميع چني چيو ته مون پنهنجي والد کان پوءِ زندگيءَ ۾ ٻيو شخص سائين خليل مورياڻي ڏٺو، جيڪو منهنجي لاءِ تمام گھڻو ٻاجهارو هو. ناياري اديب شاعر ۽ استاد اظهر آزاد مغل چيو ته خليل مورياڻي ۽ شڪارپور لازمِ ملزوم عنصر آهن، اظهر آزاد، سائين خليل جي شخصيت تي نظم پيش ڪري کيس شاعراڻي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي. شڪارپور جي نالي واري شاعر عابد نياز ميمڻ چيو ته خليل مورياڻي نفيس طبيعت، نهٺي مزاج جو کلڻو ملڻو خوش طبع انسان هو. شڪارپور جي سينيئر اديب ۽ شاعر ضياء شاهه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته خليل صاحب هڪ خوش پوش ۽ خوش ذوق انسان هو، جنهن سان ڪچهري ڪري روح کي راحت ملندي هئي. ٻاراڻي ادبي جي اهم اديب خالد ڀٽيءَ خليل مورياڻيءَ سان گذاريل گھڙين کي ياد ڪندي چيو ته هو هر هفتي سائين خليل سان ڪچهريءَ لاءِ ويندو رهندو هو جنهن ۾ کيس گھڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو هو. شڪارپور شاخ جي سينيئر ميمبر ۽ اديب انور سومري پڻ اهڙن ئي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هر اربع جي ڏهاڙي خليل صاحب ملڻ لاءِ ويندو هو، جنهن تي خليل صاحب اڪثر چوندو هو ته ڪڏهن به’اربعا خطا نه ڪجانءِ‘! خليل صاحب جي دوستن جهڙي ڀاڻيجي فهد مورياڻيءَ چيو ته سندس مامو هڪ دوست وانگر هو، هُن کيس سمورو جو سير سفر ڪري گهمايو ڦيرايو ۽ ادب سان روشانس ڪرايو. نامياري اديب ۽ دانشور ممتاز منگيءَ ورسي پرگرام ۾ خطاب ڪندي چيو ته خليل صاحب جي فطرت ۾ دراصل سنڌ هئي ۽ شڪارپور سان خاص محبت به سنڌ سانانهيءَعشق جو حصو هئي. خليل صاحب ڪڏهن به ڪامورن، وڏيرن، ڪرپٽ آفيسرن ۽ سياستدانن جي ٽولي ۾ نظر نه ايندو هو. هُو شهر جي گڏيل مفادن واري جدوجهد ۾ گڏ گڏ نظرايندو هو صدارتي خطاب ڪندي خليل صاحب جي ويجهي ساٿي آغا زاهد پٺاڻ چيو ته خليل منهنجو يار هو، جيڪو کيس ڇورو ڪري ويو آهي، هُن سان رساما ۽ پرچاوَ به هلندا رهندا هئا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون هلنديون رهنديون هيون، الله تعاليٰ کيس جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏي پروگرام ۾ اديبن شاعرن، استادن، شاگردن مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين شرڪت ڪئي. آخر ۾ شاخ جي سيڪريٽري زبير سومري آگاهه ڪيو ته هُن شڪارپور ۾ جهاز چونڪ کان وٺي پنج گُليءَ تائين واري روڊ کي خليل صاحب جي نالي سان منسوب ڪري ”خيل مورياڻي روڊ“ جو نالو ڏيڻ جي حوالي سان شڪارپور ميونسپالٽي سان لهه وچڙ ۾ آيو آهي، جنهن جو ترت نتيجو ايندو. شاخ جي سيڪريٽريءَ پاران اها قرارداد پڻ پيش ڪئي وئي. ان کان علاوه خليل مورياڻيءَ جي جنوري ۾ سندس جنم ڏينهن تي سندس شخصيت جي حوالي سان ڪتاب آڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.
0 تبصرے