English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ يونٽ جي ريلي، ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ۽ ليز ڏيڻ جو مطالبو
120 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، جنسار هيسباڻي، هريرام چوھاڻ، ساجد گوريلو ۽ سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ يونٽ داؤد شورو ڳوٺ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، جنسار هيسباڻي، هريرام چوھاڻ، ساجد گوريلو ۽ سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي چوڪنڊي قبرستان کان سيد چوڪ تائين ٿي ڪڍي وئي . ريلي ۾ ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقي جي بنيادي مسئلن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملير جي ڳوٺن جون ليز ختم ڪري سنڌي ماڻهن کان ڳوٺن جا مالڪاڻا حق واپس نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي رهواسي نااميد ۽ مظلوم بڻيل آهن. انهن زور ڏنو ته ملير جي ڳوٺن ۾ چونڊيل نمائندا پاڻي، سيوريج، روڊ، تعليم ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن اڳواڻن منشيات جي سرعام وڪري خلاف پڻ آواز بلند ڪيو ۽ چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جي زهر کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. انهن الزام لڳايو ته ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف منشيات وڪرو ڪندڙن کان ڀتو وصول ڪن ٿا، جنهن سبب ملير ۾ منشيات جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي قومي عوامي تحريڪ يونٽ جا اڳواڻ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ملير جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ۽ ليز نه ڏنيون ويون ته تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ احتجاجي ڪاروايون جاري رهنديون. ريلي امن ۽ ضابطي سان ختم ڪئي وئي، جڏهن ته اڳواڻن مقامي انتظاميه ۽ اعليٰ اختيارين کان جلد عملي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
چوڪنڊي قبرستان کان سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئ
علائقي جي بنيادي مسئلن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے