English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ يونٽ جي ريلي، ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ۽ ليز ڏيڻ جو مطالبو
243 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، جنسار هيسباڻي، هريرام چوھاڻ، ساجد گوريلو ۽ سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ يونٽ داؤد شورو ڳوٺ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، جنسار هيسباڻي، هريرام چوھاڻ، ساجد گوريلو ۽ سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي چوڪنڊي قبرستان کان سيد چوڪ تائين ٿي ڪڍي وئي . ريلي ۾ ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقي جي بنيادي مسئلن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملير جي ڳوٺن جون ليز ختم ڪري سنڌي ماڻهن کان ڳوٺن جا مالڪاڻا حق واپس نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي رهواسي نااميد ۽ مظلوم بڻيل آهن. انهن زور ڏنو ته ملير جي ڳوٺن ۾ چونڊيل نمائندا پاڻي، سيوريج، روڊ، تعليم ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن اڳواڻن منشيات جي سرعام وڪري خلاف پڻ آواز بلند ڪيو ۽ چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جي زهر کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. انهن الزام لڳايو ته ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف منشيات وڪرو ڪندڙن کان ڀتو وصول ڪن ٿا، جنهن سبب ملير ۾ منشيات جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي قومي عوامي تحريڪ يونٽ جا اڳواڻ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ملير جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ۽ ليز نه ڏنيون ويون ته تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ احتجاجي ڪاروايون جاري رهنديون. ريلي امن ۽ ضابطي سان ختم ڪئي وئي، جڏهن ته اڳواڻن مقامي انتظاميه ۽ اعليٰ اختيارين کان جلد عملي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چوڪنڊي قبرستان کان سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئ
علائقي جي بنيادي مسئلن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے